Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
نه ڪيان، جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي.
(سيپارو: 28، سورة صف: 10)
هتي ڏسو! الله پاڪ واپار چيو. واپار ڇا هوندو آهي؟ خريد و فروخت کي واپار چوندا آهن. ڪجھ ڏيڻ ۽ بدلي ۾ ڪجھ وٺڻ، ان کي واپار چوندا آهن، هيءَ به ڪيڏي ڪرم نوازي آهي ته الله پاڪ اسان سان معاملي کي واپار فرمايو. اسان وٽ پنهنجو آهي ئي ڇا...؟ * اسان کي پيدا ڪيو الله پاڪ * هٿ ڏنا الله پاڪ * مال ڏنو الله پاڪ * توفيق بخشي الله پاڪ * سڀ ڪجھ ته الله پاڪ جو آهي ان جو ئي ڏنل آهي، پوءِ واپار ڇا جو...؟ پر ڪرم فرمايو، ارشاد ٿيو: اي ايمان وارؤ! توهان کي اهڙو واپار ٻڌايون، جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي وٺندو.
هاڻي ٻڌندا! اهو انوکو واپار ڪهڙو آهي؟ ان واپار ۾ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ فرمايو:
تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰہِ وَ رَسُوْلِہٖ وَ تُجَاہِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ بِاَمْوَالِکُمْ وَ اَنْفُسِکُمْ ؕ(سيپارو: 28، صف: 11)
ترجموڪنزالعرفان: توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان رکو ۽ الله جي راھ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جهاد ڪريو.
يعني ان انوکي واپار ۾ اسان کي 2 ڪم ڪرڻا آهن: (1): الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻو آهي. هيءَ نعمت ته الحمد لله! اسان کي حاصل آهي. الله پاڪ جي فضل سان اسان الله پاڪ تي به ايمان رکندا آهيون، الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي. (2): ٻيو ڪم ڪهڙو ڪرڻو آهي؟ دين جي مالي ۽ جاني خدمت ڪرڻي آهي جيترو ٿي سگهي دين جي خدمت جي لاءِ وقت به ڏيڻو آهي ۽ جيترو ٿي سگهي دين جي مالي خدمت به ڪرڻي آهي.
هتي هيءَ به هڪ پياري ۽ ايمان افروز ڳالھ آهي. اسان مارڪيٽ ۾ وڃون، شين جي قيمت به مقرر هوندي آهي، هيءَ شيءِ ڪيتري جي آهي؟ 1000 روپين جي. هيءَ شيءِ ڪيتري جي آهي؟ 1500 روپين جي. هاڻي جنهن وٽ هزار، پندرهن