Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
مون حيران ٿي ڪري پڇيو: حاڪم کي اسان جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي؟ اهو نوجوان چوڻ لڳو: مان خادم آهيان، اڄ صبح جو حاڪم مونکي گهرايو ۽ چيائين: فلاڻي پاڙي ۾ وڃ، اتي دين جا طالبِ علم آهن اهي ٽن (3) ڏينهن ۽ ٽن (3) راتين کان بکايل آهن، انهن کي کاڌو به پهچائي اچ ۽ ڪجھ رقم به ڏئي اچ! ۽ ها! منهنجي طرف کان معافي به گهرجان ته مونکي انهن جي حالت جي خبر نه پئجي سگهي، سڀاڻي مان پاڻ انهن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري معافي وٺندس.
اهو نوجوان چئي ٿو: شهر جي حاڪم جون هي ڳالهيون ٻُڌي ڪري مون کي وڏي حيراني ٿي، مون پڇيو: سائين! آخر هن عنايت جو سبب ڇا آهي؟ حاڪم چوڻ لڳو: رات مان بستري تي سُتُس، اڃان اکيون بند ئي ٿيون هيون ته مون خواب ۾ ڏٺو: هڪ گهوڙي سوار آهي، ان جي هٿ ۾ هڪ نيزو آهي، ان نيزي جو رخ منهنجي طرف ڪيو ۽ چيو: جلدي اٿو ۽ حسن بن سفيان ۽ انهن جي ساٿين جي مدد ڪيو! اهي علمِ دين جا مسافر آهن 3 ڏينهن ۽ 3 راتين کان بکايل آهن، تنهنجي شهر جي فلاڻي مسجد ۾ ترسيل آهن. حاڪم چيو: مان ان گهوڙي سوار کان پڇيو: اوهان ڪير آهيو” چيائين: مان الله پاڪ جو هڪ فرشتو آهيان ۽ توهان کي علمِ دين جي طالبن جي هن حالت بابت آگاھ ڪرڻ آيو آهيان، هاڻي