Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته دين جي لاءِ پنهنجون مالي خدمتون پيش ڪندا ڪيون. هي صرف ذهن بڻائڻ جي ڳالھ آهي، دين جي راھ ۾ مال ڏيڻ سان ٻانهو غريب ناهي ٿيندو بلڪه جيڪو الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪندو آهي الله پاڪ ان کي ڪيئي ڀيرا وڌائي ڪري عطا فرمائيندو آهي. سيپارو: 2، سورت بقره، آيت: 245 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰہَ  قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَہٗ لَہٗۤ اَضْعَافًا کَثِیْرَۃً ؕ

(سيپارو: 2، سورة بقرة،245

ترجموڪنزالعرفان:  آهي ڪو جيڪو الله کي چڱو قرض ڏي ته الله ان جي لاءِ ان قرض کي تمام گهڻو وڌائي.

سُبْحٰنَ اللہ!      ڪهڙي پياري ڳالھ آهي! مال ڏنل ڪنهن جو آهي؟ الله پاڪ جو. سرڪارِ غوثِ اعظم رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:  اَنْتُمْ وُکَلَاءُ عَلٰی ہٰذِہِ الْاَمْوَال توهان ان مال جا وڪيل آهيو.[1]

مثال طور اسان ڪنهن کي 200 روپيا ڏيون ۽ چئون ته بازار مان فلاڻي شيءِ وٺي اچو! اهو شخص جنهن کي اسان پيسا ڏنا، اهو 200 جو مالڪ ناهي، وڪيل آهي، اها ئي شيءِ آڻي سگهي ٿو جيڪا اسان چئي آهي، اهڙيءَ طرح اسان سڀئي هن دنيا ۾ مال ۽ دولت جا مالڪ ناهيون بلڪه وڪيل آهيون، اصل مالڪ الله پاڪ آهي، وڪيل کان جيڪو مال واپس ورتو ويندو آهي اهو قرض ناهي هوندو، اهو ته مالڪ جي شيءِ هوندي آهي جيڪا ان کي واپس ڏني ويندي آهي  پر الله پاڪ جي عنايت، ان جي رحمت ۽ ڪرم نوازي ڏسو! ارشاد ٿيو:

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰہَ  قَرْضًا حَسَنًا

(سيپارو: 2، سورة بقرة،245)

ترجموڪنزالعرفان: آهي ڪو جيڪو الله کي چڱو قرض ڏي


 

 



[1]...جَلَاء الخَوَاطِرْ، مجلس:حقوق الفقراء، صفحہ:110۔