Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
به فرمائي رهيو آهي. پوءِ ڇا سبب آهي جو اسان انهيءَ جو ڏنل مال ان جي راھ ۾ خرچ نه ڪيون. اسان کي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ گهرجي، دل کولي ڪرڻ گهرجي. ان ۾اسان جي ئي ڀلائي آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وَ اَنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ وَ لَا تُلْقُوْا بِاَیْدِیْکُمْ اِلَی التَّہْلُکَۃِ ۚ(سيپارو: 2، سورة بقرة: 195)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ الله جي راھ ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو ۽ نيڪي ڪريو بيشڪ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي.
يعني راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ بند ڪري يا گهٽ ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو. روايتن ۾ آهي: انصار صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنهم صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، هڪ سال انهن کي تنگدستي جو منهن ڏسڻو پيو ته انهن راھِ خُدا ۾ صدقو ۽ خيرات کي روڪي ڇڏيو، ان تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي [1] ۽ فرمايو ويو ته راھِ خُدا ۾ مال خرچ ڪرڻ بند ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو!
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: راھِ خُدا ۾ خرچ نه ڪرڻ هلاڪت جو سبب آهي * ظاهر آهي اسان صدقو ۽ خيرات نه ڪنداسين ته معاشري ۾ غربت وڌندي ويندي * غريبن کان ڪو پڇڻ وارو نه رهندو ۽ بُکَ وڌندي غريبَ ويچارا تنگدستي جو شڪار ٿي ڪري خودڪشي جو رستو اختيار ڪندا ۽ ائين اسان جي معاشري ۾ ٿي به رهيو آهي * جيڪڏهن مالدار صدقو ۽ خيرات نه ڪندا ته مسجدن جو نظام ڪيئن هلندو؟ * مدرسا ڪيئن هلندا؟ *ٻار قرآن ۽ سُنت جي تعليم ڪيئن حاصل ڪري سگهندا؟ * اسان جي نسلن تائين دين ڪيئن پهچندو؟ ائين ئي ٻيون به کوڙ صورتون آهن ته جيڪڏهن اسان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته پاڻ هلاڪت جو شڪار ٿي سگهون ٿا.