Book Name:Deen Ki Mali Khidmat Ke Fazail
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! الحمد لله! الله پاڪ جي فضل سان پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم زندھ به آهن، پنهنجي امت جي حالات بلڪه خيالات کان به واقف آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هي به ڄاڻيندا هئا ته محمود غزنوي هڪ عالمِ دين جي خدمت ڪئي آهي ۽ هي به ڄاڻيندا هئا ته محمود غزنوي جي دل ۾ ٽن ڳالهين جي ڄاڻڻ جي جستجو آهي، جيئن ته هڪ ئي جملي مبارڪ ۾ ٽنهي ڳالهين کي حل فرمائي ڇڏيائون: (1): فرمايائون: اي سُبگَتْگِیْن جا پٽ! ان مان سلطان کي معلوم ٿي ويو ته مان واقعي سُبگَتْگِیْن جو پٽ آهيان. (2): پوءِ فرمايائون: تو منهنجي وارث جي خدمت ڪئي. ان مان سلطان کي معلوم ٿي ويو ته عالم نبين جا وارث آهن، هيءَ حديث سچي آهي، ڪنهن جي هٿ ٺوڪي ناهي. (3): پوءِ فرمايائون: الله پاڪ توکي بخشي ڇڏيو، ان مان سلطان کي معلوم ٿي ويو ته هُو بخشجي ويا آهن.
اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں خوابوں میں آ رہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں
سُبْحٰنَ اللہ! جيڪي محبوب خواب ۾ تشريف آڻي ڪري به اهڙو بيمثال ڪلام فرمائيندا آهن پوءِ انهن جي ڪلام جو ڇا ته شان هوندو...!! اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
میں نثار تیرے کلام پر ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں
وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو، وہ بیاں ہیں جس کا بیاں نہیں
وضاحت: يارسولَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ٻوليءَ جا ماهر ۽ قادر الڪلام ته گهڻا آهن ۽ انهن جي ڪلام تي اعتراض ڪرڻ وارا به گهڻا آهن، پر مان توهان جي ڪلام تي، توهان جي بيان تي قربان وڃان، ان ڪلام تي نه ڪو اعتراض ٿي سگهي ٿو، ۽ بيان ته اهڙو آهي جو ان جو ڪو به جواب نٿو ٿي سگهي.