Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
هيءُ رهيو، اوهان فرمائيندؤ ته اسان سمنڊ ۾ به لهڻ لاءِ تيار آهيون. ٻيا صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اٿي بيٺا ، عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اسان بني اسرائيل وانگر نه آهيون جو انهن حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام کي چيو هو
فَاذْهَبْ اَنْتَ وَ رَبُّكَ فَقَاتِلَاۤ اِنَّا هٰهُنَا قٰعِدُوْنَ(۲۴) (پارہ :6 ،سورۂ مائدہ:24)
ترجمو ڪنزالعرفان: سو تون ۽ تنهنجو رب ٻئي وڃو ۽ وڙهو، اسان ته هتي ئي ويٺا آهيون.
يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان اوهان تي پنهنجون زندگيون قربان ڪنداسين. ([1])
هي اطاعت جو جذبو جيڪو صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان جي دلين ۾ موجود هو جيڪو 313 کي بدر جي ميدان ۾ وٺي به ويو هو ۽ فتح ڏياري عزت کان به نوازيو. هڪ شاعر وڏي خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته ميدانِ بدر ۾ صحابهءِ ڪرام وٽ تلوارون به پوريون نه هيون، جنگي سازو سامان به گهٽ هو، افرادي قوت به گهٽ هئي، ان جي باوجود اهي بدر جي ميدان ۾ ڇو هليو ويا؟ ڪنهن ڀروسي تي ميدان ۾ لٿا. ته شاعر چيو؛
تھے ان کے پاس دو گھوڑے، چھ زرہیں، آٹھ شمشیریں
پلٹنے آئے تھے یہ لوگ دُنیا بھر کی تقدیریں
نہ تیغ وتیر پر تکیہ، نہ خنجر پر نہ بھالے پر
بھروسا تھا تو اِک سادی سی کالی چادر والے پر ([2])
اهو آهي ڪاميابي جو اصل بنياد ... !! ان کان بغير ڪنهن به مسلمان جي ڪاميابي ممڪن ئي ناهي. الله پاڪ اسان کي ڪامل اطاعت ۽ فرمانبرداري جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .