Book Name:Ghazwa e Badar Say Hum Nay Kia Seekha
تي لڙائي جاري آهي بلڪ * ايسيتائين به جهڳڙن جو معاملو آهي جو پاڻ ۾ جهڳڙا ٿيندا آهن پر ان جهڳڙن جي وجهه جي خبر ناهي هوندي * ڪيترن ئي خاندانن ۾ ابن ڏاڏن کان جهيڙو هلندو پيو اچي، بس ان ئي بنياد تي اڳتي اولاد به هڪ ٻئي جي دشمن بڻيل آهي * ڀائر پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن * اولاد جو ماءُ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏڻ جون به خبرون ٻڌڻ ۾ اينديون رهنديون آهن * ڪٿي ڀائٽيو چاچي کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي * ڪٿي دوست پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته معاملو قتل و غارت تائين پهچي ويندو آهي. اهي لڙائيون، اهي جهڳڙا، اهي اختلاف آهن جيڪي اسان کي اندر کان خالي ڪري ڇڏيندا آهن.
وڏي مشهور هڪ ڪهاڻي آهي، اسان ننڍپڻ کان ڪتابن ۾ پڙهندا ۽ ٻڌندا پيا اچون؛ هڪ ڪاٺير هو، ان جا پٽ پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو ڪندا رهندا هئا، ڪاٺير انهن کي سمجهائيندو رهندو هو پر انهن جي سمجهه ۾ ڳالهه نه ايندي هئي، آخر هڪ ڏينهن ان هڪ ترڪيب سوچي، ان پنهنجن سڀني پٽن کي گڏ ڪيو، انهن کي چيائين: وڃو! ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي اچو! اهي ڪاٺيون کڻي آيا. هاڻي ان چيو: انهن ڪاٺين کي ٽوڙيو! سڀني ڪاٺيون ٽوڙي ڇڏيون. هاڻي ڪاٺير ڪاٺين جو هڪ ڳٺو(گڏو) ٻڌو ۽ چيو: هاڻي هن ڳٺي کي ٽوڙيو! سڀني زور لڳايو پر ان کي ٽوڙي نه سگهيا. ان تي ڪاٺير سمجهايو ته منهنجا ٻارؤ! اها آهي اتفاق جي طاقت...!! ڪاٺيون جڏهن جدا جدا هيون ته توهان انهن کي آساني سان ٽوڙي ورتو، جڏهن اهي پاڻ ۾ ملي ويون ته توهان انهن کي ٽوڙي نه سگهيؤ. پٽن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ انهن لڙائي جهڳڙا ڇڏي ڏنا.
هي هڪ فرضي ڪهاڻي آهي، اسان ننڍپڻ کان پڙهي يا ٻڌي آهي، اسان ڄاڻون به ٿا پر ان تي عمل نٿا ڪيون. بهرحال! پنهنجو پاڻ ۾ اتفاق اها عظيم طاقت آهي جو اها هجي ته ڪاميابي هر ميدان ۾ قدم چمندي ۽ اها طاقت نه هجي، پاڻ ۾ اختلاف، لڙائي جهڳڙا هجن ته ڪاميابي ملڻ انتهائي ڏکي آهي.