Book Name:Nigah e Ghous Azam

انتظار ۾ بيٺل هو ته ڪو اچي جو ان جو مال ڦر ڪجي۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن اُن جي ويجھو پهتا ته فرمايائون: توهان ڪير آهيو؟ چور ڪوڙ ڳالهائيندي چيو: مان ڳوٺاڻو آهيان۔

اللّٰهُ اَڪبَر! ڪوڙ ۽ اهو به حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون...! اها نگاھِ غوثِ اعظم آهي، ان کان ڪجھ ڳجھو ناهي رهندو۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نگاھ وڌي ته کين خبر پئي ته اهو شخص گنهگار آهي، هاڻي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايائون: مان عبد القادِر آهيان۔ بس ايترو ٻڌي ان چور جي دِل جي دُنيا بدلجي وئي، اهو هڪدم حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قدمن ۾ ڪري عرض ڪرڻ لڳو: یَا سَیِّدی عَبْدَ الْقَادِر شَیْئًا لِلہِ اي منهنجا سردار عبد القادر! خُدا جي واسطي نظرِ ڪرم ڪيو! حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ان جي حالت تي رحم اچي ويو، پاڻ دُعا ڪئي ته غيب مان آواز آيو: اي عبد القادر! هن چور کي سڌي واٽ ڏيکاريو! ۽ ان جي رهنمائي ڪندي ان کي قطب جي درجي تي پھچائي ڇڏيو۔ هاڻي حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان چور تي نِگاھِ ڪرم وڌي ۽ ان کي ولايت جي اعليٰ درجي قطبيت تي پھچائي ڇڏيائون۔([1])

عجب شان یاغوث تیری جَلی ہے                     تیری نظر سے چور بنتا ولی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

 اي عاشقانِ غوثِ پاڪ! اهو آهي نگاھ غوثِ پاڪ جو فيضان...! ڏسو! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نگاھِ ڪرم سان ڪيئن دِلين جو مَر پري ٿيندو آهي، سندن هڪ نِگاھ ڪرم سان چور ولي بڻجي ويندا آهن، هڪ نِگاھ ڪرم سان بُري اخلاق وارا سُڌري ويندا آهن، هڪ نِگاھ ڪرم سان گنهگارن کي توبه جي


 

 



[1]...سیرت غوث الثقلین، صفحہ:130-131 ۔