Book Name:Nigah e Ghous Azam

توفيق نصيب ٿيندي آهي ۽ اهي مُعَاشري جا سٺا ۽ نيڪ انسان بڻجي ويندا آهن۔ هاڻي ٻڌو الله پاڪ جو فرمان، ارشاد آهي:

فَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًاۙ(۲) (پاره29،سورۂ مرسلات:2)

ترجمو: پوءِ انهن جو جيڪي نهايت تيز هلڻ واريون آهن.

يعني اَولياءِ ڪرام اهو شان رکن ٿا جو پنهنجي نُوراني نگاھ سان، پنهنجي ڪرم ڀري نگاھ سان دِل جو مر پري ڪري ڇڏيندا آهن، اَخلاق ۽ ڪردار سنواري ڇڏيندا آهن ۽ گنهگارن کي نيڪ واٽ جو مُسَافِر بڻائي ڇڏيندا آهن۔

(2):نِگاھِ غوثِ پاڪ ۽ حق جو  مان مٿانهون

پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 29، سوره مرسلات جي آيت: 3 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَّ النّٰشِرٰتِ نَشْرًاۙ(۳)

ترجمو: ۽ خوب پکيڙڻ وارين جو.

هن آيت جي وَضَاحت ۾ اسان ٻڌو ته اَولياءِ ڪرام جو اهو شان آهي ته اهي جنهن پاسي توجھ فرمائن ٿا، ان پاسي حق جو مان مٿانهون ڪندا آهن، اسلام جو پرچم بلند ڪندا آهن۔ هاڻي اچو! هن حوالي سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نِگاھ پاڪ جو فيضان ڏسون ٿا:

پنج هزار ڪافِر مسلمان ٿي ويا

حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 521 هجري ۾ باقاعِده دَرس و بيان جو سلسلو شروع ڪيو ۽ مسلسل چاليھ سالن تائين وَعظ ۽ نصيحت ڪندا رهيا۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هفتي ۾ 3 بيان ڪندا ها۔ حضرت عُمر ڪيماني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪا محفلِ پاڪ اهڙي نه ٿيندي هئي