Book Name:Nigah e Ghous Azam

فَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًاۙ(۲) (پاره29،سورۂ مرسلات:2)

پوءِ انهن جو جيڪي نهايت تيز هلڻ واريون آهن.

يعني اَولياءِ ڪرام جو قسم! جيڪي پنهنجي نگاھ سان، روحاني توجھ سان دِلين جي مَر ڌوئن ٿا، بُرن عقيدن جي گندگي، بُري اخلاق جي گندگي، گُنَاهن جي گندگي کي ختم ڪن ٿا ۽ ظاهري بيمارين، پريشانين، ڏُک، دَرد کي به مٽائن ٿا۔

غير مسلم کي ڪلمو پڙھائي ابدال بڻائي ڇڏيو

منقول آهي ته مُلڪ شام جي هڪ ابدال جو انتقال ٿي ويو (ابدال؛ وِلايت جو هڪ درجو آهي، روايتن مطابق دُنيا ۾ هر وقت 40 ابدال موجود هوندا آهن، جڏهن انهن مان ڪو فوت ٿي وڃي ته ان جي جاء تي ڪنهن ٻي کي مقرر ڪيو ويندو آهي، سو مُلڪ شام جي ابدال جو انتقال ٿيو) ته سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪدم اتي ويا، دُنيا جا ٻيا ابدال به اتي پهچي ويا، سڀني گڏجي اُن جي نمازِ جنازه ادا ڪئي، نمازِ جنازه پڙھڻ کان بعد حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حڪم ڏنو ته قسطنطنيه جي فُلاڻي ڪافِر کي مون وٽ آندو وڃي۔ اُن ڪافِر کي هڪدم حاضِر ڪيو ويو، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ڪافِر کي ڪلمو پڙھايائون، ان جو ظاهري حليو مسلمانن جيان ڪيو ۽ پنهنجي هڪ ئي نگاھِ ڪرم سان ان کي مقامِ ابدال تي پهچائي ڪري وفات ڪري وڃڻ واري ابدال جي جڳھ تي ان کي ابدال مقرر ڪري ڇڏيو۔([1])

منہ لگاتا نہیں دُنیا میں جسے کوئی بھی                            بالیقیں اس کے طرفدار ہیں غوثِ اعظم

کھوٹے سکّے جہاں چل جاتے ہیں وہ ہے بغداد          واں نِکمّوں کے خریدار ہیں غوثِ اعظم


 

 



[1]...سیرت غوث الثقلین، صفحہ:167۔