Book Name:Nigah e Ghous Azam

گهروارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي علمِ دين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس.    

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

مقامِ وِلايت طئي ڪرڻ ۾ اِمداد

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت پِير سَيد مِهر علي شاھ صاحبرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڪستان جي مشهور و معروف شخصيت آهن، گولڙه شريف (راولپنڊي) جا رهائشي هئا، سَيد زاده به هئا، تمام زبردست عالِمِ دين به هئا، ڪامِل وليُّ الله به هئا۔

1925ء ۾ جڏهن پِير مِهر علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ تقريباً 66 سال جي ٿي، ان عرصي ۾ سندن تي هڪ روحاني ڪيفيت طارِي رهندي هئي، اڪيلائي ۾ هجن يا ماڻهن جي وچ ۾ هر وقت بَس خاموش رهندا هئا، ٿوري ٿوري دير کان بعد هڪ ٿڌو ساھ کڻي مٿو مبارڪ مٿي کڻندا ها، چهري مبارڪ جو رنگ ڪڏهن ڦڪو ٿي ويندو هو ڪڏهن ڳاڙهو۔ عادت مطابق ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ جي لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ ايندا ها پر محفل تي خاموشي طارِي رهندي هئي، سندن مُرِيد ۽ چاهيندڙ ڪيئي ڀيرا سندن جي اها حالت ڏسي روئڻ لڳندا ها پر پِير مِهر علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها ئي ڪيفيت بدستور رهندي هئي۔

انهيء زماني ۾ ملتان شريف جي رهواسي هڪ سَيد صاحب کي خواب ۾ شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت نصيب ٿي، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِير مِهر علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ان ڪيفيت بابت تسلي ڏيندي فرمايائون: مِهر علي وِلايت جو هڪ خاص مقام طَئي ڪري رهيا آهن، هن مقام کي طَئي ڪرڻ مهل مشائِخ (يعني اَولياءِ ڪرام) جي به امداد ناهي پهچندي پر هن مرحلي ۾ به هڪ صاحِب (يعني خُود حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه)