Book Name:Nigah e Ghous Azam

جو جنهن ۾ غير مسلم ڪلمو پڙھي اسلام قبول نه ڪندا هجن يا گنهگار توبه نه ڪندا هجن، جڏهن به پاڻ بيان ڪندا ها، ان بيان سان متاثر ٿي غير مسلم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيندا ها ۽ گنهگار توبه ڪري نيڪ بڻجي ويندا ها۔([1])

حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي هٿ تي 5 هزار کان وڌيڪ ڪافِرن ڪلمو پڙھيو ۽ هڪ لک کان وڌيڪ گنهگار مسلمان توبه ڪري نيڪ واٽ جا مُسَافِر بڻيا۔([2])

ڪرد قوم اسلام قبولي ورتو

هڪ ڀيري سرڪارِ بغداد، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِراق جي هڪ علائقي ڪُردِستان ۾ نيڪي جي دعوت جي لاءِ تشريف وٺي ويا، پاڻ سان گڏ ڪجھ مُرِيد به هئا، اهو سڄو علائقو لکين ماڻهن تي مشتمل هو ۽ اهي سڀئي غير مسلم هئا، طبيعت جي لحاظ کان به اها قوم گھڻي سخت هئي، سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرد قوم جي مرڪز پهتا ۽ اُنهن جي وڏن وڏن سردارن کي اسلام جي دعوت ڏني۔ سندن نيڪي جي دعوت ٻڌي ڪرد قوم جو هڪ وڏو عالِم اڳتي آيو، اهو شخص ڪجھ عرصو بغداد ۽ مِصر ۾ رهي چُڪو هو، ان مسلمان عالم سڳورن کان ڪجھ حديثون به ٻڌيون هيون، اهو شخص حُضُور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي چوڻ لڳو: ڇا اوهان جي نبي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جو اهو فرمان آهي ته ”منهنجي اُمَّت جا عالم بني اسرائيل جي نبين جيان آهن“ (يعني جهڙي طرح بني اسرائيل جا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام نيڪي جي دعوت کي عام ڪندا ها، هن اُمّت جا عالم اهڙي طرح نيڪي جي دعوت عام ڪندا)۔

حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شخص جي ڳالھ ٻڌي فرمايائون: ڇا توهان کي هن باري ۾ ڪو شڪ آهي؟ ان چيو: حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام بني اسرائيل جا نبي


 

 



[1]...قلائد الجواہر، صفحہ:93۔

[2]...قلائد الجواہر، صفحہ:96۔