Book Name:Nigah e Ghous Azam

پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي مُردَا زِنده ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو ته ڪنهن جي ڇا مجال جو الله پاڪ تي اعتراض ڪري۔ الحمدلله! اسان جو اهو ئي عقيدو آهي ته الله پاڪ جي عطا جي بغير، پنهنجي ذاتي طاقت سان مُردا زِنده ڪرڻ ته رهيو پري، ڪو هڪ ڪک به نٿو چَوري سگھي، ۽ الله پاڪ طاقت بخشي ته انسان مردا به زِنده ڪري سگھي ٿو۔ الحمد لله! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي الله پاڪ ئي اها طاقت بخشي هئي جو پاڻ مُردا زِنده ڪندا ها۔ هاڻي ڪو آهي جيڪو الله پاڪ جي عطا تي اعتراض ڪري سگھي؟

نيڪ شخص جي ڳئونءَ جي برڪت

ڏسو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ بني اسرائيل جي هڪ ڳئون جو ذِڪر ڪيو آهي، قرآنِ ڪريم جي ٻي ۽ سڀ کان وڏي سُورت ”سوره بقره“ کي سُوره بقره ان ڳئون واري واقعي جي نسبت سان چيو ويندو آهي۔ واقعي جو خُلاصو اهو آهي ته بني اسرائيل ۾ هڪ شخص قتل ٿي ويو، اها خبر نه هئي ته قاتِل ڪير آهي، بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي حڪم سان فرمايائون: هڪ ڳئون ذبح ڪيو! پوءِ بني اسرائيل کي ان ڳئون جون وصفون ٻڌايون ويون۔ مثال طور اها ڳئون پيلي رنگ جي آهي، اُن جي جسم تي ڪو داغ نه آهي، نه پوڙھي آهي، نه جوان آهي بلڪ وچين عمر جي آهي وغيره۔ بني اسرائيل اهڙي ڳئون جي تلاش شروع ڪئي، آخر الله پاڪ جي هڪ نيڪ ۽ پنهنجي والده جي فرمانبردار شخص وٽ اهڙي ڳئون ملي، بني اسرائيل ان کي ذبح ڪيو، هاڻي بني اسرائيل کي حڪم ٿيو:

فَقُلْنَا اضْرِبُوْهُ بِبَعْضِهَاؕ- (پاره:1،سورۃالبقرۃ:73)                            

ترجمو ڪنزُ الايمان: پوءِ اسان فرمايو: ان مقتول کي ان ڳئونءَ جو هڪ ٽڪرو هڻو.