Book Name:Nigah e Ghous Azam

(3):نگاھِ غوثِ پاڪ ۽ حق و باطِل ۾ فرق

سورهءِ مرسلات ۾ وڌيڪ ارشاد ٿيو:

فَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًاۙ(۴) (پاره29،سورۂ مرسلات:4)

ترجمو: پوءِ خوب جدا ڪرڻ وارين جو.

هن آيت جي هڪ معني اسان ٻڌي ته اَولياءِ ڪرام حق ۽ باطِل ۾ فرق ڪرڻ وارا هوندا آهن۔ هاڻي اچو! هن باري ۾ سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ ٻڌون ٿا:

بدمذهبن توبه ڪري ورتي

شيخ ابو الحسن قرشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 559 هجري جو واقعو آهي ته بدمذهبن جي هڪ وڏي جماعت حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي، اُنهن وٽ ٻه ٽوڪرا هئا، جن جو منهن بند هو، اُن بدمذهبن سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو: ٻڌايو! هنن ٽوڪرن ۾ ڇا آهي؟ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي بصيرت (يعني باطني نِگاھ، دِل جي نُور) سان ڄاڻي ورتو ۽ هڪ ٽوڪري تي هٿ رکي فرمايائون: هن ۾ هڪ اپاهج (يعني معذور) ٻار آهي۔ پوءِ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي شهزادي حضرت عبد الرزاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايو: هن ٽوڪري جو منهن کوليو! ٽوڪري جو منهن کوليو ويو ته ان ۾ واقعي معذور ٻار هو، سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ٻار تي پنهنجو هٿ مبارڪ رکي فرمايائون: قُمْ بِاِذْنِ اللہ! الله پاڪ جي حڪم سان اُٿي بيهه...! ايترو فرمائڻو هو جو ان ٻار جي معذوري ٺيڪ ٿي وئي ۽ هو صحيح سلامت اُٿي بيهي رهيو، هاڻي غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻي ٽوڪري تي هٿ رکي فرمايائون: هن ۾ تندرست ٻار آهي۔ جڏهن ٽوڪرو کوليو ويو ته ان ۾ واقعي تندرست ٻار هو، شهنشاھ بغداد حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها زِنده ڪرامت ڏسي انهن تمام بدمذهبن