Book Name:Nigah e Ghous Azam

اي عاشقانِ غوثِ پاڪ! اها آهي حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تَوَجّه، سندن نِگاھِ ڪرم ۽ ڪرامتن جو فيضان، جو پاڻ ڪرد قوم ڏانهن توجھ فرمائي انهن کي نيڪي جي دعوت ڏني ۽ اسلام جي سچائي جو عملي ثبوت ڏئي سڀني کي ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪري ڇڏيو۔  هاڻي ٻڌو الله پاڪ جو فرمان:

وَّ النّٰشِرٰتِ نَشْرًاۙ(۳) (پاره29،سورۂ مرسلات:3)

ترجمو: ۽ خوب پکيڙڻ وارين جو.

يعني اَولياءِ ڪرام اهي آهن جيڪي اسلام جو پرچم بلند ڪن ٿا، جنهن پاسي توجھ ڪن ته حق جو مان مٿي ڪن ٿا ۽ دُنيا ۾ اسلام کي خوب ڦهلائن ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

شيطاني وسوسن جي ڪاٽ

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪي ماڻهو اَولياءِ ڪرام جون اهڙيون ڪرامتون ٻڌي مختلف شيطاني وسوسن جو شِڪار ٿي ويندا آهن، مثال طور اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟زِنده ڪرڻ ۽ موت ڏيڻ ته الله پاڪ جي اختيار ۾ آهي، هڪ انسان ڪيئن مردا زِنده ڪري سگھي ٿو؟ جيڪو هڪ ڀيري موت جو شڪار ٿيو، ان جو ٻيهر دنيا ۾ اچڻ، زِنده ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي؟

انهن سڀني وسوسن جو هڪ ئي جواب آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا(۲۰)  (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:20)      

ترجمو: ۽ تنهنجي رب جي عطا تي ڪا پابندي نه آهي.

معلوم ٿيو الله پاڪ جي عطا ۾ ڪا رَوڪ ناهي، الله پاڪ جنهن کي جيترو چاهي عطا فرمائي، جيڪو چاهي عطا فرمائي۔ جيڪڏهن الله پاڪ