Book Name:Nigah e Ghous Azam

ہو کرم! حسنِ عمل آہ! نہیں ہے کوئی                         نہ وظائف ہیں نہ اذکار ہیں غوثِ اعظم([1])

بداَخلاق ڇوڪري توبه ڪري ورتي

حضرت ابُو حَسن قَوَّاس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن آئون ۽ مون سان گڏ کوڙ ساري جماعت حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت جي لاءِ روانا ٿي، اسان سڀئي پنهنجي مشڪلاتن ۽ پريشانين جي حل جي لاءِ دُعا ڪرائڻ جو ارادو رکندا هئاسين، واٽ ۾ ٻيا ماڻهو به اسان سان گڏجي ويا۔ انهن ۾ هڪ ڇوڪرو هو، مان ان کي سڃاڻندو هئس، اهو وڏي بُري اَخلاق وارو هو، اڪثر ناپاڪ رهندو هو۔ خير! اسان سڀئي بارگاههِ غوثيت ڏانهن وڃي رهيا هئاسين جو اتفاق سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان واٽ تي ملاقات ٿي وئي، اسان سڀني اڳتي وڌي سلام ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري سندن هٿ مبارڪ کي چمي ڏني۔ هو ڇوڪرو جنهن جا اخلاق چڱا نه هئا جڏهن حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ کي چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو هٿ مبارڪ ان کان پري ڪري ڇڏيو، پوءِ هڪ نگاھ ان ڇوڪري تي وڌي، سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نگاھ مبارڪ جي تپش نه سهندي اهو ڇوڪرو بيهوش ٿي ڪري پيو، جڏهن ان کي هوش آيو ته ان هڪدم پنهنجي بُرن اخلاق کان توبه ڪئي، پوءِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سان هٿ ملايو۔([2])

چور کي قطب بڻائي ڇڏيائون

هڪ ڀيري غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مَدِيـنَه مُـنَوَّرَه کان حاضري ڏئي بغداد ڏانهن اچي رهيا هئا ته واٽ تي هڪ شخص ڏٺائون، جيڪو اصل ۾ چور هو ۽ ان


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:560-561ملتقطاً۔

[2]...سیرت غوث الثقلین، صفحہ:175۔