Book Name:Nigah e Ghous Azam

ترجمان مان ادا ٿيو آهي ۽ اسان جي سلسلي عاليه قادريه ۾ هن جو وِرد دولتِ ظاهري و باطني جي حصول جو سبب آهي۔ هن جا 28 شعر آهن۔ هن مبارڪ قصيدي جو روزانو وِرد تمام فائديمند آهي۔ هن مبارڪ قصيدي جو وِرد قوتِ حافِظَه کي وڌائي ٿو۔

هن مبارڪ قصيدي کي پڙھڻ واري کي عربي پڙھڻ ۾ بصيرت حاصِل ٿيندي آهي۔ هر مشڪل ۽ سخت ڪم جي لاءِ 40 ڏينهن پڙھو۔ ان شآء الله الڪريم! ڪامياب ٿيندا۔ جيڪو شخص هن مبارڪ قصيدي کي پنهنجي سامهون رکي ۽ ٽي ڀيرا پڙهي ته بارگاھِ غوثيت ۾ مقبول ٿيندو ۽ حضور سيدنا غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارتِ فيض بشارت سان مشرف ٿيندو۔ ان شاء الله الڪريم!۔

شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي خوبصُورت ۽ نهايت اَهم ڪتاب: مدني پنج سوره صفحي: 263 تي اهو قصيدو مبارڪ ڏنل آهي۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، فيضانِ غوثِ پاڪ، فيضانِ داتا و خواجه، فيضانِ اعليٰ حضرت، فيضانِ اوليا سان دامن ڀرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! ۽ دين و دُنيا جون ڀلائيون حاصِل ڪيو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي۔

اوهان به هر جمعرات تي پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ هفتيوار اجتماع ۾ اَوَّل کان آخر شرڪت ڪيو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي سنتن ڀري اجتماعن تي به ڪيئي ڀيرا سرڪار غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرم ڀري نگاھ فرمائيندا آهن: