Book Name:Nigah e Ghous Azam

شخص ٻه رڪعتون نفل پڙهي ۽ هر رڪعت ۾ اَلحَـمد شريف (يعني سورہ فاتحه) کان بعد قُـل هُـوَ الله شريف (يعني سوره اِخلاص) يارهن يارهن ڀيرا پڙهي، سلام ورائڻ کان پوءِ سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرود و سلام موڪلي، پوءِ بغداد شريف جي طرف يارهن قدم هلي ڪري منهنجو نالو پُڪاري ۽ پنهنجــي حاجت بيان ڪري ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيم! اها حاجت پوري ٿيندي۔([1])

نوٽ: پاڪ ۽ هند ۾ بغداد شريف اولهه ۽ اُتر جي تقريباً وچ ۾ آهي

هن نماز کي نمازِ غوثيه ۽ صَلوٰۃُ الْاَسْرار چيو ويندو آهي۔ حضرت عَلَّامه مُلّا علي قارِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون بار بار نمازِ غوثيه جو تجربو ڪيو، بلڪل دُرُست نڪتو (يعني هر ڀيري منهنجو مقصد پُورو ٿيو)۔

حُسْنِ نِیَّت ہو خطا پھر کبھی کرتا ہی نہیں                 آزمایا ہے، یگانہ ہے دوگانہ تیرا([2])

وضاحت: اها ڳالھ تجربه شُده آهي ته اِخلاص سان نمازِ غوثيه پڙھي وڃي ته ناڪامي ناهي ٿيندي بلڪ جنهن مقصد جي لاءِ پڙھي وڃي، اهو مقصد پُورو ٿيندو آهي۔

(۲):قصيده غَوثِيه پڙھو...!

پيارا اسلامي ڀائرو! سرڪار غوثِ اعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روحاني توجھ، سندن ڪرم ڀري نگاھ حاصِل ڪرڻ جو هڪ طريقو ”قصيده غَوثِيه“ جو وِرد به آهي۔ عاشِقِ غوثِ اعظم، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه قصيده غوثيه جي باري ۾ فرمائن ٿا: اهو مبارڪ قصيدو حُضُور سيدنا غوثُ الاَعظم، محبوبِ سبحاني، قطبِ رَبَّاني، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زبانِ فيض


 

 



[1]...جنات کا بادشاہ، صفحہ:6-7۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:20۔