Book Name:Nigah e Ghous Azam

جيڏانهن ويندا آهن، جنهن پاسي نگاھ ڪندا آهن، حق جو شان اعلٰي ڪري، باطِل جو مُنهن ڪارو ڪري حق ۽ باطِل جي وچ ۾ فرق ڪندا آهن۔([1])

(5): فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ(۵) (پوءِ ذڪر جو القاء ڪرڻ وارين جو.) يعني اَولياءِ ڪرام اهي آهن جيڪي دِلين کي ذِڪرِ اِلٰهي سان سينگاريندا آهن، اَولياءِ ڪرام جي توجھ، انهن جي نگاھِ ڪرم مِلي وڃي ته ذِڪرُ الله صِرف زبان تي ناهي رهندو بلڪه دِل ۾ لهي ويندو آهي، پوءِ ٻانهي کي نمازن ۾ سُرور اچڻ لڳندو آهي، تِلاوت ۾ سُرور اچڻ لڳندو آهي، گُنَاهن کان نفرت ٿي ويندي آهي ۽ نيڪين ۾ دِل لڳي ويندي آهي۔([2])

طیبہ سے منگائی جاتی ہے، سینوں میں چھپائی جاتی ہے

توحید کی مے پیالے سے نہیں نظروں سے پلائی جاتی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي 5 آيتون آهن، مفسر سڳورن جي هڪ قول مطابق انهن ۾ اَولياءِ ڪرام جون وصفون بيان ٿيون آهن، هاڻي اچو! انهن آيتن جي روشني ۾ سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ جا ڪجھ پهلو ٻڌون ٿا:

(1):نگاهه غوثِ پاڪ سان ظاهر ۽ باطِن جي صفائي

الله پاڪ فرمايو:


 

 



[1]...مواعظِ نعیمیہ، صفحہ:212-215خلاصۃً۔

[2]...مواعظ نعیمیہ، صفحہ:316۔