Book Name:Nigah e Ghous Azam

پنهنجن بُرن عقيدن کان توبه ڪئي ۽ سچا عاشِقانِ رسول بڻجي ويا۔([1])

ایمان اس کا بچ گیا شیطان سے، جو تیرے          ہے سلسلے میں آ گیا بغداد والے مرشد([2])

غير مسلم ڪلمو پڙھي ورتو

منقول آهي ته هڪ ڏينهن شهنشاھِ بغداد، حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنهن پاڙي مان لنگھي رهيا هئا، پاڻ ڏٺائون: هڪ مسلمان ۽ غير مسلم پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُنهن جو جھيڙو ختم ڪرائڻ جي لاءِ اُنهن جي ويجھو ويا ۽ پڇيائون: ڇو وڙهي رهيا آهيو؟ مسلمان عرض ڪيو: عالي جاه! اهو غير مسلم چوي ٿو ته اسان جا نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام توهان جي نبي حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان اَفضل آهن ۽ مان چوان ٿو ته اسان جا نبي حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم افضل آهن۔

اهو ٻڌي حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه غير مسلم کي فرمايو: توهان وٽ هن ڳالھ جو ڪهڙو دليل آهي ته حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اسان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان اَفضَل آهن؟ عيسائي چيو: اسان جا نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام مُردن کي زِنده ڪندا ها۔ ان تي سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مان نبي ته نه آهيان، البت جيڪڏهن مان به مرده زِنده ڪيان ته ڇا توهان اسان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويندؤ؟ عيسائي چيو: ها، مان مسلمان ٿي ويندس۔

هاڻي سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان غير مسلم کي گڏ وٺي قبرستان ويا ۽ فرمايائون: چئو! ڪنهن کي زِنده ڪرڻو آهي؟ اُن غير مسلم هڪ پُراڻي قبر ڏانهن اشارو ڪيو، هاڻي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُن قبر جي ويجھو ويا، ان


 

 



[1]...قلائد الجواہر، صفحہ:137-138۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:546۔