Book Name:Nigah e Ghous Azam

ڪرم سان، انهن جي تَوَجُّھ فرمائڻ سان دِل ۾ نُورِ ايمان وڌي ويندو آهي، ايمان جي مٺاڻ نصيب ٿيندي آهي، عِبَادت ۾ دِل لڳي ويندي آهي، دِل مان گُنَاهن جو مَر ختم ٿي ويندو آهي، دِل ذِڪر و فِڪر ۾ مصروف ٿي الله پاڪ جي ياد سان آباد ٿي ويندي آهي۔

شيخ شهاب الدين سهروردي جو واقعو

سلسلي سهرورديه جا عظيم پيشوا شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جواني جي ڏينهن ۾ مون کي عِلمِ ڪلام جو تمام گھڻو شوق هو، مون ان فن جي کوڙ ڪتابن کي حفظ ڪيو هو۔ منهنجو چاچو مون کي اهو عِلم پڙھڻ کان منع ڪندو هو پر مون کي اهو عِلم گھڻو محبوب هو، لهٰذا مان ان عِلم جا ڪتاب پڙهڻ کان نه مُڙيس۔

عِلمِ ڪلام جي وضاحت: عِلم ڪلام عقائِد بابت عِلم کي چوندا آهن، ان عِلم ۾ اسلام جي ۽ ٻين مذهبن جي عقيدن جي باري ۾ بحث ڪئي ويندي آهي، عِلمِ ڪلام سٺو عِلم آهي بلڪ هڪ حَد تائين عِلمِ ڪلام سکڻ ته فرض عُلُوم ۾ شامِل آهي، البته هن عِلم ۾ حَد کان وڌيڪ مصروف ٿيڻ ۾ خطرو آهي، ڪڏهن ماڻهو ان عِلم ۾ گھڻو مصروف ٿيڻ جي ڪري بدمذهبي بلڪه ڪنھن ڀيري ڪفر جو به شِڪار ٿي ويندو آهي۔

خير! شيخ شهابُ الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن منهنجو چاچو مون کي حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ وٺي ويو۔ چاچي مون ڏانهن اشارو ڪندي عرض ڪيو: حُضُور! هي منهنجو ڀائٽيو عمر آهي، هي عِلمِ ڪلام جا ڪتاب پڙهندو رهي ٿو، مون ان کي منع به ڪيو پر هي مڙي نٿو۔ چاچي جي ڳالھ ٻڌي سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون ڏانهن متوجھ ٿيندي فرمايو: اوهان عِلمِ ڪلام جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب حِفظ ڪيا آهن؟ مون ڪتابن جا نالا ٻڌايا۔