Book Name:Nigah e Ghous Azam

فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ(۵)

ترجمو: پوءِ ذڪر جو القاء ڪرڻ وارين جو.

يعني اَولياءِ ڪرام جو اهو شان آهي جو ماڻهن جي دِلين ۾ ذِڪر وجھن ٿا۔

در پر جو تیرے آ گیا بغداد والے مرشد                  مَن کی مرادیں پا گیا بغداد والے مرشد([1])

نِگاهِ غوثِ پاڪ حاصِل ڪرڻ جا طريقا

اي عاشقانِ رسول! اسان شهنشاھِ بغداد، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نگاھِ ڪرم، سندن روحاني توجھ ۽ نيڪي جي دعوت وغيره بابت ڪجھ برڪتون ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪئي۔ ياد رکو! اَولياءِ ڪرام دُنيا مان وڃڻ کان بعد به الحمد لله! پنهنجي غُلامن جي مدد ڪندا آهن، مشڪلاتون حل ڪندا آهن ۽ نگاھِ ڪرم فرمائيندا آهن ۽ اهو سڀ الله پاڪ جي عطا ڪيل طاقت سان ٿيندو آهي، نه ته الله پاڪ جي عطا کان بغير، پنهنجي ذاتي طاقت سان ته ڪو پَتو به نٿو چَوري سگھي۔

(۱):نمازِ غوثيه پڙھو...!

خير! مقصد اهو آهي ته اڄ به جيڪر ڪو سچّي دِل سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان نگاھِ ڪرم جو فرياد ڪري ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تَوَجُّه فرمائن ٿا۔ حضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪنهن به مصيبت ۾ مون ڏانهن جنهن به فرياد ڪيو، اها مصيبت ٽري ويندي آهي، جنهن ڪنهن سختيءَ ۾ منهنجو نالو پُڪاريو اها سختي پري ٿيندي، جيڪو منهنجي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي حاجت پيش ڪري اها حاجت پوري ٿيندي. جيڪو


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:545۔