Book Name:Nigah e Ghous Azam

نسخهء بغدادي جي مدني بهار

هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي:2003 جي سالانه يارهين شريف جي موقعي تي دعوتِ اسلامي طرفان ڪورنگي ۾ ٿيندڙ اجتماع ذڪرو نعت ۾ حاضري جي سعادت نصيب ٿي، سُنَّتن ڀري بيان دوران ”بغدادي نسخو“ ٻڌايو ويو، بيان کان بعد سلسله عاليه قادريه رضويه ۾ بيعت ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ان دوران ويٺي ويٺي مون کي ننڊ اچي وئي، اکيون ته ڇا بند ٿيون دل جون اکيون کلي ويون! مون ڏٺو ته يارھين وارا پير غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلوه فرما آهن ۽ انهن چادر ڦهلائي آهي، مون چادر پڪڙي ورتي ته مون کي هيئن محسوس ٿيو جو ٻين ماڻهن به چادر پڪڙي آهي پر ڪو نظر نه پيو اچي! مائيڪ مان ايندڙ آواز جي مطابق مون بيعت جا لفظ دُهرايا، جڏهن بيعت جو سلسلو ختم ٿيو مون همت ڪري دربارِ غوثيت ۾ عرض ڪيو: يا مرشد! منهنجي گهرواري اميد سان آهي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو چيو آهي۔ اوهان ڪرم ڪيو! ارشاد فرمايائون: جيڪو نسخه بغدادي هينئر بيان ٿيو آهي ان جي مطابق عمل ڪيو، ۽ ٻڌو! اوهان جي گھر بغير آپريشن جي جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿيندي، هڪ جو نالو حسّان ۽ ٻي جو نالو مشتاق رکجان، ٻنهي جي ڪنڌ تي منهنجو قدم هوندو، مون گھر پهچي نسخه بغدادي جون يارهن کجورون کارايون، الحمدلله! کجورون کائيندي ئي منهنجي گهرواري جي تڪليف پري ٿي وئي ۽ خدا جو قسم! منهنجي گھر ۾ ٻه جاڙا ٻار پيدا ٿيا، ته مون مرشد پاڪ جي فرمان مطابق هڪ جو نالو حسّان ۽ ٻي جو نالو مشتاق رکيو۔

جو کوئی تِیرہ  بخت یہاں ہو گیا ہے حاضر                 روشن نصیبہ پا گیا بغداد والے مرشد([1])


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:545۔