Book Name:Nigah e Ghous Azam

وضاحت: اي غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! ڪو ٻانهو وِلايت جي راھ جو مُسَافِر هجي يا وِلايت جي بُلند مقام تي پهتل هجي، مطلب ته ڪو ڪنهن مقام تي به هجي، پر اوهان جي دَر جو ئي سُوالي آهي۔

ڪاش! اسان گنهگارن کي به حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ نِگاھ ڪرم نصيب ٿي وڃي ته يقين مڃو! بگڙيل ڪم ٺهي پون۔

ادھر بھی نِگاہِ کرم غوثِ اعظم                            کرو دُوْر رَنج و اَلَم غوثِ اعظم

ہے گردن میں تیری غُلامی کا پٹہ                         تجھی سے ہے میرا بھرم غوثِ اعظم

ترا ہوں میں تیرا، مرے اس کہے کا                   سرِ حشر رکھنا بھرم غوثِ اعظم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

شانِ اَولياءِ ڪرام ۾ پنج قرآني آيتون

سيپاري: 29، سوره مُرسَلات جي شروع واري پنج آيتن ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ الْمُرْسَلٰتِ عُرْفًاۙ(۱) فَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًاۙ(۲) وَّ النّٰشِرٰتِ نَشْرًاۙ(۳) فَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًاۙ(۴) فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ(۵)

(پاره:29، سورۂ مرسلات:1-5)

ترجمو: قسم انهن جو جيڪي لڳاتار موڪليون وينديون آهن. پوءِ انهن جو جيڪي نهايت تيز هلڻ واريون آهن. ۽ خوب پکيڙڻ وارين جو. پوءِ خوب جدا ڪرڻ وارين جو. پوءِ ذڪر جو القاء ڪرڻ وارين جو.

اهي پنج آيتون آهن، انهن ۾ الله پاڪ پنج شين جو قسم ارشاد فرمايو آهي: (1): مُرۡسَلَات (جيڪي لڳاتار موڪليون وينديون آهن) (2): عَاصِفَات