Book Name:Nigah e Ghous Azam

هاڻي سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي سيني تي هٿ ڦيريائون ته مون کي عِلم ڪلام جون ڳالهيون ائين وسري ويون جيئن ڪڏهن ياد ئي نه هيون۔ الله پاڪ جو قسم! حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هٿ ڦيري نه صِرف عِلمِ ڪلام کان منهنجو سينو خالي ڪري ڇڏيو بلڪه منهنجي سيني کي عِلمِ لَدُنِّي (يعني الله پاڪ جي عطا ڪيل خاص عِلم) سان ڀري ڇڏيو۔

اي عاشقانِ غوثِ پاڪ! اهو آهي:

فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ(۵)

ترجمو: پوءِ ذڪر جو القاء ڪرڻ وارين جو،

يعني اَولياءِ ڪرام جون جماعتون دِلين ۾ ذِڪر و فِڪر وجھن ٿيون۔

جو ولی قبل تھے یا بعد ہوئے یا ہوں گے               سب ادب رکھتے ہیں دِل میں مرے آقا تیرا

مزرعِ چشت و بخاراو عراق و اجمیر                      کون سی کِشْت پہ برسا نہیں جھالا تیرا([1])

وضاحت:اي منهنجا آقا غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! جيڪي ولي اوهان کان پهريان گذريا يا جيڪي بعد ۾ قيامت تائين ٿيندا، سڀئي اوهان جو اَدب ڪرڻ وارا آهن، چِشت، بُخارا، عراق، اجمير هر هنڌ اوهان جي فيض جي برسات وسي آهي، سڀئي اوهان کان فيض وٺي رهيا آهن۔

جنهن جيڪو گھريو ان کي عطا ڪري ڇڏيو

شيخ محمد بِن محفوظ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بيان آهي: هڪ ڀيري کوڙ مشائِخ سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر هئا، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪيو، جنهن کي جيڪو گھرجي، اهو ان کي ملندو۔


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:25-26۔