Book Name:Nigah e Ghous Azam

آهن، کين الله پاڪ اهو معجزو ڏنو هو جو اهي مُردن کي زِنده ڪندا ها، اوهان هن اُمّت جي عالمن مان آهيو، اسان ته اوهان جي ڳالھ تڏهن مڃنداسين جڏهن اوهان به مُردن کي زِنده ڪري ڏيکاريو۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت اطمينان سان فرمايائون: هن ۾ ڪا مشڪل ناهي، توهان ڪهڙي مردي کي زِنده ڏسڻ چاهيو ٿا؟

پوءِ ڪرد قوم جا سردار حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ويجھو هڪ قبرستان ڏانهن وٺي ويا ۽ هڪ تمام پُراڻي قبر ڏانهن اشارو ڪري چيائون: هن مردي کي زِنده ڏسڻ چاهيون ٿا۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان قبر وٽ وڃي فرمايائون: قُمْ بِاِذْنِ اللہ يعني الله پاڪ جي حڪم سان اُٿي بيهه! بَس غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ايترو فرمائڻ هو جو قبر کلي پئي ۽ مردو مٿو ٻاهر ڪڍي بيهي رهيو۔ ان پهريان حضور غوثِ پاڪ کي سلام عرض ڪيو، پوءِ پڇيائين: ڇا قيامت قائِم ٿي وئي؟ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: نه، قيامت قائِم ناهي ٿي۔ تون هنن ماڻهن کي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي دَور جو آهين؟ ان چيو: مان حضرت دانيال عَلَيۡهِ السَّلَام جي وقت جو آهيان ۽ ان جي دِين تي مون کي موت آيو۔

پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي فرمايو: توهان واپس قبر ۾ هليا وڃو! توهان کي قيامت تائين اتي رهڻو آهي۔ ڪرد قوم جا سردار پنهنجي اکين سان اهو سمورو منظر ڏسي رهيا ها ۽ ڳالھيون ٻڌي رهيا ها، سندن اها زِنده ڪرامت ڏسي تمام سردار ۽ اُنهن جي قوم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي وئي۔([1])

قلبِ مردہ کو بھی ٹھوکر سے جِلا دو مُرشِد                تم نے ٹھوکر سے ہے مُردوں کو جِلایا یاغوث!

آفتوں میں ہوں گرفتار، مدد کو آؤ                          آہ! دُنیا کے غموں نے ہے ستایا یاغوث!

میں جہنّم میں نہ اب جاؤں گا اِنْ شَآءَ اللہ                رہنما تم کو جو میں نے ہے بنایا یاغوث!


 

 



[1]...حیات المعظم، صفحہ:152-154خلاصۃً۔