Book Name:Nigah e Ghous Azam

پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان ان ذبح ٿيل ڳئون جي گوشت جو هڪ ٽڪرو قتل ٿيڻ واري کي لڳايو ته اهو زِنده ٿي ويو ۽ ان پنهنجي قاتِل جو نالو به ٻڌائي ڇڏيو۔

ڏسو! حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي اُمَّت جي هڪ نيڪ شخص جي ڳئون جي جسم جو هڪ ٽڪرو لڳائڻ سان مُردو زِنده ٿي ويو ۽ اها ڳالھ ڪٿي بيان ٿي؟ قرآنِ ڪريم ۾۔ هاڻي غور ڪيو! جڏهن موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي اُمَّت جي هڪ نيڪ شخص جي ڳئون جي گوشت جو هڪ ٽُڪرو لڳڻ سان مُردَه زِنده ٿي سگھي ٿو ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي آقا، يعني حضرت مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمَّت جي نهايت نيڪ بزرگ، سلطان الاوليا يعني حُضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دُعا سان مُردا زِنده نٿا ٿي سگھن؟ ٿي سگھن ٿا، يقيناً ٿي سگھن ٿا، بلڪ ٿيا به آهن ۽ مُردن کي زِنده ٿيندي ڏسي ماڻهن ڪلمو به پڙھيو آهي ۽ اهو سڀ ڇا آهي؟ الله پاڪ جي عطا آهي۔

بندہ قادر کا بھی قادربھی ہے عبدالقادر                 سِرِّ باطن بھی ہے ظاہر بھی ہے عبدالقادر

مفتئ شرع بھی ہے، قاضِئ ملّت بھی ہے           عِلْمِ اَسْرار سے ماہِر بھی ہے عبد القادر

ذی تَصَرُّف بھی ہے ماذون بھی مختار بھی ہے             کارِ عالَم کا مدبِّر بھی ہے عبدالقادر([1])

وضاحت: اسان جا غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عَبدُ القادِر آهن يعني قُدرتن واري رَبِّ ڪريم جا ٻانها آهن، الله پاڪ کين قُدرت عطا فرمائي آهي، پاڻ ظاهر و باطِن جا رازدار آهن، شريعت جا مفتي به آهن، مِلَّت جا قاضِي به آهن، باطني عُلُوم جا ماهر به آهن، الله پاڪ کين اختيارات عطا فرمايا آهن، کين زماني جي تَدبِير جي اجازت به عطا ڪئي وئي آهي۔  


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:69ملتقطاً۔