Book Name:Nigah e Ghous Azam

تي نِگاھ وڌي ۽ فرمايائون: قُمْ بِاِذْنِی! منهنجي حڪم سان اُٿي وڃو۔ بَس ايترو چيائون ته قبر کلي ۽ مُردو زِنده ٿي بيهي رهيو۔ سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها زِنده ڪرامت ڏسي ان غير مسلم جي دِل ۾ ايمان جو نُور رَوشن ٿي ويو ۽ اهو ڪلمو پڙھي هڪدم ئي مسلمان ٿي ويو۔([1])

عیسی کے معجزوں نے مردے جِلا دئیے ہیں                           مُحَمَّد کے معجزوں نے مسیحا بنا دئیے ہیں

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقان غوث پاڪ! ڏٺو اوهان! هڪ خالِص علمي مسئلو جنهن جي باري ۾ اهو مسلمان ۽ غير مسلم وڙهي رهيا هئا، سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرامت ڏيکاري اهو واضح ڪري ڇڏيو ته اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام نبين کان، تمام رسولن کان اَفضَل ۽ اعليٰ آهن۔

خلق سے اَولیا، اَولیا سے رُسُل                           اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی([2])

هتي اها ڳالھ ذِهن نشين رهي ته تمام انبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلَام مخلوق ۾ سڀ کان اَفضَل ۽ اعليٰ آهن ۽ نبي هئڻ جي اعتبار سان تمام انبيا برابر آهن، البت انبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلَام جا پاڻ ۾ مختلف درجا آهن، اهي پاڻ ۾ هڪ ٻي تي فضيلت رکن ٿا ۽ اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تمام نبين کان اَفضَل آهن۔ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلٰى بَعْضٍۘ-مِنْهُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ-  (پاره3،سورۃالبقرۃ:253)

ترجمو: هي رسول آهن اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني، انهن مان ڪنهن سان الله ڪلام فرمايو ۽ ڪو اهو آهي جنهن کي سڀني تي بلند درجا عطا ڪيائين.


 

 



[1]...حیات المعظم، صفحہ:174۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:138۔