Book Name:Nigah e Ghous Azam

موقعو غنيمت سمجھي سڀني مشائِخ پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪرڻ شروع ڪيون، ڪنهن عرض ڪيو: مان مُجَاهدي (يعني نيڪين ۾ خُوب ڪوشش ڪرڻ) جي طاقت چاهيان ٿو۔ ڪنهن عرض ڪيو: مان خوفِ خُدا جو طلب گار آهيان، ڪنهن عرض ڪيو: مان پنهنجي وقت کي محفوظ ڪرڻ (يعني ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهڻ) چاهيان ٿو، ڪنهن عرض ڪيو: مان عِلم ۾ اِضافو چاهيان ٿو۔ شيخ خليل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: مان قُطب بڻجڻ چاهيان ٿو، شيخ ابو البرڪات رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: مان الله پاڪ جي محبت ۾ خوب اضافو چاهيان ٿو۔ شيخ ابو الفتوح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: مان قرآنِ ڪريم جو ۽ حديثِ رسول جو حافِظ بڻجڻ چاهيان ٿو۔

اهڙي نموني سڀئي پنهنجون پنهنجون حاجتون بيان ڪندا ويا، جڏهن سڀئي عرض ڪري چڪا ته سرڪارِ غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اسان سڀني جي حاجتن تي سڀني جي مدد ڪيون ٿا۔  

شيخ اَبُو الخير رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جو قسم! ان مجلس ۾ جنهن جيڪو گھريو هو ان کي اهو ئي مليو۔ شيخ حضرمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن قرآنِ پاڪ حِفظ ٿيڻ جي تمنا ڪئي هئي، الله پاڪ انھن کي توفيق عطا فرمائي ۽ انھن 6 مهينن ۾ پُورو قرآنِ ڪريم حفظ ڪري ورتو۔ اهڙي طرح شيخ جميل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو هو ته مان پنهنجي وقت کي محفوظ ڪرڻ (يعني هر وقت ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهڻ) چاهيان ٿو، اهي ان درجي تي پهتا جو هر وقت تسبيح کڻي ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهندا ها، ايستائين جو جڏهن قضاءِ حاجت جي لاءِ ويندا ها ته تسبيح هڪ پاسي لٽڪائي ڇڏيندا ها ۽ اُن تسبيح جا داڻا خود بخود هلندا رهندا ها۔([1])

سُبحٰنَ الله! اهو آهي:


 

 



[1]...بَہْجَۃُ الْاَسْرَار، صفحہ:98-102خلاصۃً۔