Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اَلْقَارِعَةُۙ(۱) مَا الْقَارِعَةُۚ(۲) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الْقَارِعَةُؕ(۳)

ترجمو: دل ڏڪائڻ واري. اها ڏڪائڻ واري ڇا آهي. ۽ توکي ڪهڙي خبر ڇا آهي ڏڪائڻ واري.?

اَلۡقَارِعَۃُ: قيامت جي نالن مان هڪ نالو آهي۔ اهو لفظ ”قَرۡعٌ“ مان ٺهيو آهي۔ هڪ شيء کي ٻي شيء تي ايتري زَور سان هنيو وڃي جو ان مان گرج دار آواز پيدا ٿئي، ان کي عربي ۾ قَرۡعٌ چئبو آهي۔([1]) اهو آواز جيترو زور دار هوندو، اوترو ئي دِل ڏڪائڻ وارو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص غفلت ۾ هجي يا پنهنجي خيالن ۾ ويٺو هجي ته اوچتو اهڙي گرج دار آواز سان دِليون گھڻيون ڏڪي وينديون آهن۔ مثال طور * ماڻهو پنهنجي خيال ۾ ويٺو ڪم ۾ مَصرُوف هجي، ڪو شخص ان جي ويجھو اوچتو ڏاڍيان آواز سان ڳالھائي بلڪ ڪنهن کي زور دار نڇ اچي وڃي ته ماڻهو ڇِرڪي پوندو آهي ۽ جسم کي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي * ماڻهو ستل هجي، ان جي ويجھو ڪو شَور ڪري ته اوچتو خوف زَده ٿي اُٿي ويندو آهي * ڪڏھن گاڏين جي هارن جي ڪن ڦاڙيندڙ آواز سان دِل دهلجي ويندي آهي، ڪنن ۾ آواز اچڻ لڳندو آهي. هاڻي ٿورو انهن مثالن کي ذهن ۾ رکي ان وقت جو تصور ڪيو! جڏهن سڀئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مَصرُوف هوندا، ڪو گھر ۾ هوندو، ڪو بازار ۾ هوندو، واپاري ڪاروبار ۾ مَصرُوف هوندا، هاري ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هوندا، ڪو ماني کائي رهيو هوندو، عورتون پنهنجي گھر جي ڪم ڪار ۾ مَصرُوف هونديون، ڪو پنهنجي دوستن سان گڏ ويٺو ڳالهيون ڪندو ھوندو، ان وقت اوچتو زور دار زلزلو برپا ٿيندو، پُوري زمين لُڏڻ لڳندي، آسمان ڦاٿي پوندو، تارا برسات جيان زمين تي ڇڻي پوندا، وڏا وڏا جبل ٽُٽُي ذرا ذرا ٿي ويندا، وڏا وڏا سياره (گرھ) پاڻ ۾ ٽڪرائجي ذرو ذرو ٿي ويندا، تَصَوُّر ڪيو! ان وقت ڪيتري هولناڪ ڪڙڪ پيدا ٿيندي!


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی، پارہ:30، القارعۃ، آیت تحت:1، جلد:15، جزء:30، صفحہ:621۔