Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ڀلائي گھرين ها، آخرت جي به ڀلائي گھرين ها ۽ جهنّم کان بچڻ جي به دُعا گھرين ها؟

هن مان معلوم ٿيو ته چاهي ڪهڙي به ڪيفيت هجي، ڪهڙي ئي حالت هجي، اسان کي کپي ته اسان الله پاڪ کان آزمائش جي دُعا نه ڪيون، اھا دُعا نه گھرون ته يا الله پاڪ! مون کي بيمار ڪر، يا الله پاڪ! مون کي تنگ دست ڪري ڇڏ بلڪه اسان کي گھرجي ته هر حال ۾ دُنيا جي به ڀلائي گھرون ۽ آخرت جي به ڀلائي ئي گھرون۔ آخر اسان الله پاڪ کان گھري رهيا آهيون، الله پاڪ رحمٰن ۽ رحيم آهي، الله پاڪ جَوَّاد ۽ ڪريم آهي، الله پاڪ جي خزانن ۾ ڪا ڪمي نه آهي، الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي بي حساب نوازيندو آهي، لهٰذا اسان دُعا ۾ ڪنجوسي ڇو ڪيون؟ جڏهن اسان تمام جهانن جي رَبّ کان گھري رهيا آهيون ته بنا هٻڪ جي گھرون، دُنيا جون به ڀلائيون گھرون، آخرت جون به ڀلائيون گھرون، سڀ ڪجھ گھرون۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ايمان وارن جو اهو وَصف بيان فرمايو ته اَهلِ ايمان جڏهن دُعا گھرندا آهن ته هيئن چوندا آهن:

رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنْیَا حَسَنَةً وَّ فِی الْاٰخِرَةِ حَسَنَةً وَّ قِنَا عَذَابَ النَّارِ(۲۰۱)  (پاره:2، سوره بقره:201)

ترجمو: اي اسان جا پالڻهار! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي ڏي ۽ اسان کي آخرت ۾ (به) ڀلائي ڏي ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.

الله پاڪ اسان کي دُرُست انداز سان، آداب جو خيال رکندي، سٺين سٺين نيتن سان بڪثرت دُعائون گھرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔               اٰمِيۡن بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيِّیۡن  صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔

سَر ہے خم ہاتھ میرا اُٹھا ہے            یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

فَضْل کی رحم کی التجا ہے                یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

میں نے مانا کہ سب سے بُرا ہوں              کس کا ہوں؟ تیرا ہوں میں تِرا ہوں