Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان کان اُن جي باري ۾ پڇيو ته ٻڌايو ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هو سخت بيمار آهي۔

اها خبر ٻڌي  نبين جي سردار، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابو بڪر صديق، حضرت عمر فاروق ۽ ڪجھ ٻين صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان کي ساڻ ڪري اُنھن جي عِيادت جي لاءِ ويا۔

سَرِ بالیں انہیں رحمت کی ادا  لائی ہے                  حال بگڑا ہے تو بیمار کی بَن آئی ہے

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کي ڏٺو، اهي واقعي سخت بيمار هئا، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خوبصُورت ۽ پياري انداز ۾ عيادت فرمائي، حال اَحوال پڇيائون۔ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ پنهنجو حال عرض ڪيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي بيمار ٿيڻ جو سبب بيان ڪندي، پنهنجو هڪ واقعو به ٻُڌايو۔

(هن واقعي جو خُلاصو ڪجھ هن طرح آهي ته) اُن انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هڪ ڏينهن مان مَغرِب جي وقت مسجد ۾ حاضِر ٿيس، اوهان نماز ادا فرمائي رهيا هئا، مون به اوهان جي پيروي ۾ باجماعت نماز جي سَعَادت حاصل ڪئي۔ يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ان ڏينهن اوهان نماز ۾ سوره قارِعَه جي تلاوت فرمائي، اُن کي ٻڌي مون تي خوفِ خُدا جو غلبو ٿي پيو، سو مون دُعا گھري: ياالله پاڪ! مون کي دُنيا ئي ۾ آزمائش ۾ وجھ، مون کي آخرت ۾ عذاب نه ڏجانءِ۔

انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ پنهنجي ڳالھ جاري رکندي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ان دُعا کان بعد ئي منهنجي اها حالت آهي جيڪا اوهان ڏسي رهيا آهيو۔

پنهنجي پياري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي ڳالھ ٻڌي سرڪارِ عالي وقار، مڪي