Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان بُرو ڪيو...! ڇا اهو بهتر نه هو ته تون الله پاڪ کان دُنيا جي ڀلائي گھرين ها، آخرت جي به ڀلائي گھرين ها ۽ جهنّم کان بچڻ جي به دُعا گھرين ها؟

پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن حڪم ڏنائون ته هينئر دُنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي دُعا گھرو! صحابي رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ يڪدم حڪم تي عمل ڪيو، دُنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي دُعا گھري. سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ به اُنھن جي لاءِ دُعا فرمائي۔

سُبحٰنَ الله! ان دُعا جو اهڙو اَثر ظاهر ٿيو جو راوِي چون ٿا: اهي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ اُٿي بيهي رهيا، ڄڻ اهي رسين ۾ ٻڌل ها، هاڻي آزاد ڪيا ويا. ([1])

اجابت کا سہرا،عنایت کا جوڑا                         دلہن بن کے نکلی دُعائے محمد

اجابت نے جھک کر گلے سے لگایا                    بڑھی ناز سے جب دُعائے محمد([2])

 وضاحت: اِجَابَت يعني قبوليت۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن شعر ۾ دُعاءِ مصطفيٰ جي قبوليت جو حال بيان ڪيو آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه زبان مان نڪرندڙ دُعا قبوليت جو سهرو سجائي، الله پاڪ جي عنايتن جو جَوڙو پائي ڪنوار جيان نڪري ٿي، جڏهن ناز سان آسمان ڏانهن وڌندي آهي ته قبوليت ان دُعا کي جھڪي ڪري سيني لائيندي آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...مُسْنَدِ ابُو یعلی، جلد:3، صفحہ:140، حدیث:3429۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:66۔