Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila
رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان کي ته تمام گھٽ ڄمار مليون آهن، هنن مان به ڪجھ حِصّو ننڊ ۾ گذري ويندو آهي ته ڪجھ رزقِ حلال جي تلاش ۾، لهٰذا اسان ته حضرت شَمۡعُون رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيان عبادت ڪري ئي نٿا سگھون؟ يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ايئن بني اسرائيل اسان کان عبادت ۾ وڌي ويندا؟ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي هي حسرت ڀري ڳالھ ٻُڌي غمخوار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غمگين ٿي ويا۔
هيڏانهن محبوبِ رَبِّ اڪبر، مڪي مديني جي تاجور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دِل مبارڪ رنجيده ٿي، هوڏانهن الله پاڪ جي رحمت جوش ۾ آئي، ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تسلي جي لاءِ کين لَيلَةُ الْقَدْر جو تحفو عطا فرمايو۔([1]) جيئن ارشاد ٿيو:
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ فِیْ لَیْلَةِ الْقَدْرِۚۖ(۱) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا لَیْلَةُ الْقَدْرِؕ(۲) لَیْلَةُ الْقَدْرِ ﳔ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ(۳) تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْۚ-مِنْ كُلِّ اَمْرٍۙۛ(۴) سَلٰمٌ ﱡ هِیَ حَتّٰى مَطْلَعِ الْفَجْرِ۠(۵) (پاره:30، سورۂ قدر:1 تا 5)
ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ اسان هن قرآن کي شب قدر ۾ لاٿو. ۽ توکي ڪهڙي خبر ته شب قدر ڇا آهي؟. شب قدر هزار مهينن کان بهتر آهي. هن رات ۾ ملائڪ ۽ جبريل پنهنجي ربّ جي حڪم سان هر ڪم جي لاءِ لهندا آهن. هي رات صبح نڪرڻ تائين سلامتي آهي
سُبْحٰنَ الله! ڇا شان آهي منهنجي آقا ۽ موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اُمّتين بابت ڳڻتي ٿي ته الله پاڪ سندن دل جُوئي جي لاءِ اُمّت کي شبِ قدر جهڙي عظيم الشان نعمت عطا فرمائي۔ مَولانا حَسَن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بيان ڪندي فرمائن ٿا: