Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

Book Name:Jahannam Se Chutkara Kaise Mila

جتنا میرے خدا کو ہے میرا نبی عزیز    کونین میں کسی کو نہ ہو گا کوئی عزیز

جو کچھ تری رضا ہے، خدا کی وہی خوشی   جو کچھ تری خوشی ہے، خدا کو وہی عزیز ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات آهي ۽ عالم سڳورن جي اڪثريت انهيء طرف آهي ته رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات ئي شبِ قدر ٿيندي آهي۔ لهٰذا اسان اُمِّيد ڪريون ٿا ته الحمد لله! اڄ شبِ قدر آهي*  اڄ مغفرت جي رات آهي * اڄ رحمت جي رات آهي  *اڄ اها رات آهي جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي * اڄ سلامتي جي رات آهي، حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ سائو جھنڊو کڻي ملائڪن جي تمام وڏي فوج سان زمين تي نزول فرمائيندا آهن ۽ ان سائي جھنڊي کي ڪعبي شريف تي ڦڙڪائيندا آهن، هڪ روايت جي مطابق انهن ملائڪن جو تعداد رُوءِ زمين جي ڪنڪرين کان به وڌيڪ هوندو آهي، اهي سڀئي سلام ۽ رحمت کڻي نازِل ٿيندا آهن۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام جا 100 سؤ پر آهن، جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندا آهن ته جيڪو به مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذڪر الله ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ انهن جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ برڪتن ڀري رات آهي، الله پاڪ اڄ جي هن مبارڪ رات جو صدقو اسان سڀني جي بي حساب مغفرت ۽ بخشش فرمائي۔       آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:135۔

[2]... شُعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:336، حدیث:3695۔