Muhaddis e Azam

Book Name:Muhaddis e Azam

    ياد رکو! اسان جو ڪنهن کان متاثر ٿيڻ اسان جي ذهني سطح کي واضح ڪندو آهي، اسان جي دلي رجحان جي عڪاسي ڪندو آهي، ان ڪري اسان کي هي به غور ڪرڻ گهرجي ته اسان ڪنهن کان متاثر ٿي رهيا آهيون، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رشڪ صرف 2 ماڻهن تي ڪري سگهجي ٿو: (1): ان شخص تي جنهن کي الله پاڪ قرآن سيکاريو ۽ اهو ان کي ڏينهن رات پڙهندو رهي (2): ان شخص تي جنهن کي الله پاڪ مال عطا فرمايو: ۽ اهو راھِ خدا ۾ ان کي خرچ ڪري.[1]

   هي آهن اهي ماڻهو جن کان متاثر ٿيڻ گهرجي، جنهن کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم جو، حديثن جو علم عطا فرمايو ۽ اهو ان تي عمل به ڪندو آهي، نمازون به پڙهندو آهي، روزا به رکندو آهي، فرائض ۽ واجبات به پورا ادا ڪندو آهي، گناھن کان به بچندو آهي، جيڪڏهن الله پاڪ مال عطا فرمايو آهي ته ان جا حقوق به پورا پورا ادا ڪندو آهي، فيشن پرستي ۽ فضول ڪمن ۾ خرچ  ناهي ڪندو بلڪه الله پاڪ جي واٽ ۾ خرچ ڪندو آهي. مطلب ته: جيڪو دين جي معاملي ۾ مضبوط آهي، آخرت جو فڪر ڪرڻ وارو، جنّت جي تياري ڪرڻ وارو، جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان بچڻ وارو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان ان کان متاثر ٿيون، رشڪ به انهيءَ تي ڪيون، انهيءَ جهڙو بڻجڻ جي ڪوشش به ڪندا ڪيون.

ہم پہ نظرِ کرم تاجدار ِحرم                                                                                                                                     نیک بن جائیں  ہم تاجدارِ حرم

دردِ عصیاں مٹے عادتِ بد چُھٹے                                                                                                            شاہ ِعرب وعجم تاجدارِ حرم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] بخاری ،کتاب فضائل القرآن، باب اغتباط صاحِب القرآن،صفحہ:1299،حدیث:5026۔