Book Name:Muhaddis e Azam

محدثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زندگي جا معمولات

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو معمول مبارڪ هو ته * پاڻ فجر جو وقت شروع ٿيڻ کان پهريان ئي بيدار ٿيندا ۽ ضروريات کان فارغ ٿي ڪري ذڪر ۽ مناجات ۾ مصروف ٿي ويندا هئا * شاهي مسجد ۾ نماز باجماعت تڪبيرِ اولٰي سان ادا ڪندا ۽ صبح کان ظهر تائين پوءِ ظهر کان عصر تائين پڙهائيندا رهندا هئا * عصر ۽ مغرب جي وچ ۾ اِسۡتفتا (يعني پڇيل فتوائن) ۽ خطن جا جوابَ عطا فرمائيندا هئا * پوءِ مهمانن سان ملاقات * اچڻ وارن کي ڀليڪار * عشاء کان بعد اهم معاملن تي غور، دين جي خادمن، رضا جي خادمن کي ديني مشورا * مسجد ۽ مدرسي جا تعميري منصوبا، ايستائين جو رات ٿي ويندي هئي، سڄي ڏينهن جا ٿڪيل شاگرد مطالعو ڪري ڪري سمهي رهندا هئا، پر سندن ڪم ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندا هئا مطالعو ڪرڻ ويهندا هئا ته رات جو دير تائين مطالعو جاري رهندو هو.[1]

   سندن کاڌو سادو ۽ گهٽ مقدار ۾ هوندو هو * گهر ۾ جيڪو پچندو هو اهو کائي وٺندا، ڪنهن خاص کاڌي جي فرمائش ڪڏهن نه ڪندا هئا * ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني مٿان موجود هوندي هئي اها ئي کائي وٺندا هيٺان گرم ماني نه ڪڍندا هئا * عام طور تي هڪ وقت جي غذا ٿوري ڀاڄي ۽ هڪ سنهي چپاتي هوندي هئي، جنهن کي خوب چٻاڙي ڪري کائيندا ۽ فرمائيندا هئا ته کاڌو خوب چٻاڙي ڪري کائو، ڏندن جو ڪم معدي کان نه وٺو * معمول جي بغير ماني نه کائيندا هئا اهو ئي سبب آهي جو سندن پيٽ ڪڏهن خراب نه ٿيو * کائڻ جي درميان پاڻي پيئندا هئا جيڪڏهن کاڌي کان بعد پاڻي جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته بعد ۾ ننڍو گرھ ضرور تناول فرمائيندا هئا، * ٿانوَ نهايت صاف


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:197 خلاصۃً۔