Book Name:Muhaddis e Azam

استعمال فرمائيندا هئا * پاڻ اخبار نه پڙهندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن خاص سبب سان اخبار ڏسڻي هوندي هئي ته پهريان ان تي موجود جاندارن جي تصويرن کي مَسُ سان ڊهرائيندا هئا * جوتا پائڻ، لاهڻ، مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۽ مسجد مان نڪرڻ جي آدابن جو پاڻ گهڻو لحاظ رکندا ۽ ٻين کي به انهن جي پابندي جي تاڪيد فرمائيندا هئا * گفتگو ۾ اڪثر عربي الفاظ نَعَمۡ (جي ها!) ۽ طَيّب (تمام ڀلو) استعمال ڪندا هئا، جنهن سان ڪلام ۾ لطف پيدا ٿي ويندو هو * سواري تي سوار ٿيڻ وقت الله اڪبر چوندا ۽ دعاءِ ماثورا پڙهندا ۽ جڏهن لهندا هئا ته سبحان الله! چوندا هئا  * ديني اجتماعن ۾ شرڪت جي لاءِ ٻئي شهر تشريف وٺي ويندا هئا ته اتي مزاراتِ اولياءِ تي حاضري ڏيندا هئا * عُلماءِ ڪرام ۽ شاگرد ملاقات جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته انهن کي وڏي سخاوت سان تحفا عطا فرمائيندا هئا.[1]                                                     

وقت جي پابندي

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هڪ ٻئي وڏي نرالي اَدا هيءَ هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه گهڙي نه رکندا هئا، ان جي باوجود هر ڪم وقت تي ادا ڪندا هئا ۽ پاڻ فرمائيندا هئا: زندگي جي ڪمن لاءِ وقتَ مقرر ڪري ڇڏيو، پوءِ انهن تي عمل ڪيو![2]

اے رضا ہر کام  کا اِک وَقْت ہے                                                                      دل کو بھی آرام ہو ہی جائے گا[3]

ٽيوب لائٽ اطاعت ڪئي

    شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري


 

 



[1] تذکرہ مُحَدِّثِ اَعْظَم،جلد:2 ،صفحہ:282-283 خلاصۃً ۔

[2] تذکرہ مُحَدِّثِ اَعْظَم،جلد:2 ،صفحہ: 283 ۔

[3] حدائقِ بخشش ،صفحہ:42۔