Book Name:Muhaddis e Azam

قرآن جي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 100 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز ۾ ويهي ڪري تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 50 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز کان علاوه باوضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 25 نيڪيون آهن ۽ جيڪو بنا وضو جي تلاوت ڪري ان جي لاءِ 10 نيڪيون آهن.[1] * قرآن پڙهڻ وارو عذابِ الهي کان محفوظ رهندو آهي.[2] * قرآن پڙهڻ وارو ان جي برڪت سان ترقي ڪندو ۽ وڏا درجات حاصل ڪري وٺندو آهي.[3]

(3) شعبانُ المُعظم جي ٽئين اهم عبادت: نفلي روزا

   ٽئين اهم عبادت جيڪا شعبانُ المُعظم ۾ خصوصيت سان ڪرڻ گهرجي اها آهي: نفلي روزن جي ڪثرت. اسان جا آقا ۽ مولا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضانُ المبارڪ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ شعبانُ المعظم ۾ روزا رکڻ پسند فرمائيندا هئا. امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: حضورِ اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مون شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سواءِ ڪجھ ڏينهن جي پوري مهيني جا ئي روزا رکندا هئا.[4] هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سوال ٿيو: رمضان کان بعد ڪهڙا روزا افضل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شعبان جا روزا رکڻ.[5]

   تاريخِ بغداد ۾ آهي: حضرت سيّدنا دائود طائي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لاڳيتو 40 سال روزا رکندا رهيا پر سندن اخلاص جو هي عالم هو جو پنهنجي گهر وارن کي به خبر نه ٿيڻ ڏنائون، ڪم تي ويندي منجهند جي ماني ساڻ کڻي ويندا ۽ رستي ۾


 

 



[1] احیاء العلوم، کتاب :آداب تلاوة، جلد:1، صفحہ:362۔

[2] كنز العمال،جزء:1،جلد:1،صفحہ:258، حدیث:2267۔

[3] كنز العمال،جزء:1،جلد:1،صفحہ:259، حدیث:2289

[4] ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔

[5] ترمذی، کتاب: زکوٰۃ، باب: فضیلتِ صدقہ، صفحہ:189، حدیث:663۔