Book Name:Muhaddis e Azam

اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪوبه وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

وعدي جي پابندي سنّت آهي

  2 فرامينِ مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): جيڪو وعدو پورو ناهي ڪندو، ان جو ڪو ايمان ناهي.[1] (2): جيڪو مُسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي.[2]

 اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سنّتِ مُصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي

 * اسان جا آقا وعدي جا تمام پڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي نهايت ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو! مان جلدي اچان ٿو، اهو شخص هليو ويو پر واپس موٽڻ وسري ويو، 3 ڏينهن کان بعد ان کي وري ياد آيو، جڏهن اهو ان


 

 



[1] مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان،  جلد:7صفحہ:223۔

[2] بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179۔