Book Name:Muhaddis e Azam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  حُضور مُحدِّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري ڪنهن ديني جلسي ۾ تقرير ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيا هئا، سندن عادت مُبارڪ هئي ته جتي موقعو ڏسندا هئا نيڪي جي دعوت جا مدني گُل پيش ڪندا هئا، جيئن ته دورانِ سفر بَس ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا فضائل ۽ ڪمالات بيان ڪرڻ شروع ڪيا، بَس جو سفر هو، گاڏين جو شور به هو ۽ هوا به هلي رهي هئي، لهٰذا سفر جي دوران گهڻو ڳالهائڻ جي سبب سندن گَلو ويهي رهيو. جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جلسي ۾ پهتا ته حمد ۽ ثناء سان بيان جو آغاز فرمايو: گَلو ويٺل هو، جهڙيءَ مُشڪل سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حمد ۽ ثناء پڙهي هئي، لڳي رهيو هو ته اڄ بيان مُشڪل ئي ٿي سگهندو پر سچي عاشقانِ رسول جا انداز ئي نرالا هوندا آهن. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان جي شروعات ۾ عربي خطبو پڙهڻ کان بعد ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو: اسان وٽ هڪ نسخو آهي جيڪو هر مرض جو علاج آهي ۽ الله پاڪ جي حڪم سان شفا آهي. ايترو چئي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بُلند آواز سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.

   بَس دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي دير هئي جو سندن آواز بلڪل صاف ٿي ويو، گَلي