Book Name:Muhaddis e Azam

جي راحت جو سامان ڪندا آهن. مسجد جي پلاٽ جي خريداري کان وٺي ان جي تعمير ۽ توسيع ۽ شين جي حصول تائين لکين رپيا خرچ ايندا آهن، هي تمام اخراجات عاشقانِ رسول جي طرفان ڏنا ويندڙ عطيات مان پورا ڪيا ويندا آهن. مساجد جي تعمير کي الله پاڪ پسند فرمايو، اسلام جي سڀ کان پهرين مسجد پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دستِ مُبارڪ سان تعمير فرمائي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عُلماءِ ڪرام ۽ اولياءِ عظام مسجدن جي تعمير جي سلسلي کي جاري رکيو. اچو! مجلس خدامُ المساجد سان گڏ ملي ڪري ان ڪارِ خير ۾ حصو وٺون ۽ دين ۽ دنيا کي بهتر بڻايون.

   الله پاڪ حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو فيضان به اسان کي نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هاءِ! قافلي جي اڳواڻ جي روانگي

   حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آخري عُمر ۾ ڪجھ عرصو بيمار رهيا، 29 رجبُ المُرجب 1382 هجري تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ننڊ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي، ٻئي هٿ قابو ٿي ويا، ڀرسان ويٺل عُلماءِ ڪرام ۽ خادمين کي فرمايائون: يَاسَلام ڪثرت سان پڙهو! انهيءَ عالَم ۾ سندن هر ساھَ سان گڏ الله هُو، الله هُو جا آواز اچي رهيا هئا، پهرين شعبانُ المُعظم 1382 هجري رات هڪ لڳي چاليھ منٽ تي انهيءَ الله هُو، الله هُو جي آواز سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن دنيا مان رخصت ٿي ويا. (اِنَّا لِـلّٰـہِ وَاِنَّـآ اِلَيهِ رٰجِعُونَ)

  کين علاج جي لاءِ ڪراچي کنيو ويو هو، سندن انتقال اتي ئي ٿيو، سندن