Book Name:Muhaddis e Azam

گڏ بريلي شريف وٺي ويا،[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي ڪامل وليءَ جو...!! هڪ ايف اي جي طالبِ علم (Student) شهزادهءِ اعلٰي حضرت کي هڪ نظر ڏٺو، بَس انهيءَ ڏسڻ دل جي دنيا بدلائي ڇڏي ۽ ايف اي جو (اهو) طالبِ علم (Student) دين جي راھ جو مسافر ٿي  دنياءِ اسلام جو عظيم مُحدث بڻجي ويو.

طیبہ سے منگائی جاتی ہے،                            سینوں میں چھپائی جاتی ہے

تَوحید کی مَے پیالے سے نہیں،                                                    نظروں سے پِلائی جاتی ہے

ڪنهن مان متاثر ٿيڻ گهرجي...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! هتي سِکڻ لاءِ هڪ نهايت ئي پيارو مدني گُل آهي، اهو هي ته متاثر ٿيڻ به هڪ ڪم آهي * ڪنهن مذهبي رهنما کان متاثر ٿيڻ * جيڪو پنج ئي نمازون پابندي سان باجماعت مسجد ۾ ادا ڪندو آهي، ان جي استقامت کان متاثر ٿيڻ * جيڪو سنّتن جو پابند هجي * جيڪو نيڪي جي دعوت عام ڪندو هجي * علمِ دين سکڻ ۾ڪوشش ڪري رهيو هوندو آهي * مدني قافلن ۾ سفر ڪندو آهي * قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندو آهي، اهڙن ديندارن کان متاثر ٿيڻ هر هڪ جي نصيب ۾ ناهي هوندو.

   اڄڪلھ ته ماڻهو * فلمي اداڪارن جي اداڪاري مان * ڳائڻن جي ڳائڻ مان متاثر ٿيندا آهن * ڪو ڪنهن جا فيشن ايبل وارَ ڏسي ڪري ٿڌا ساھَ کڻندو آهي * ڪو وڏا وڏا بنگلا ڏسي ڪري ريس ڪندو آهي * ڪو ڪنهن رانديگرن جي پرفارمنس تي دل هاري ويهندو آهي ته * ڪو وڏن عهديدارن جو فَين بڻجي ويندو آهي.


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم،صفحہ:33  خلاصۃً ۔