Book Name:Muhaddis e Azam

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، الحمدلله! دعوتِ اسلامي نيڪ، نمازي بڻائڻ واري، سڄي دنيا ۾ سنّتن کي عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي. هيءُ مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه کان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني گهرو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، ۽ ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل کي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل نکريل، خوبصورت ٿي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

پورو گهراڻو سُڌري ويو

   ضلع اٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي، مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آوارا گردي ڪرڻ، نمازو قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن