Book Name:Muhaddis e Azam

ننڍپڻ کان ئي ذِڪرُ الله جي عادت

  حضرت محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ننڍپڻ کان ئي ديني ڳالهين ۾ دلچسپي رکندا هئا. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جڏهن هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿيا ته والدِ محترم سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئا. ذڪر ۽ اذڪار ۽ نعت خواني جو اهڙو شوق هو جو اڪثر هلندي ڦرندي نعتون پڙهندا ۽ ذڪر ڪندا رهندا هئا.[1]

کاش لب پر مِرے رہے جاری                                                                                                          ذِکْر آٹھوں پَہَر ترا یاربّ!

چشمِ تَر اور قلبِ مُضْطَر دے                                                                                                                             اپنی  اُلفت  کی  مَے  پِلا  یاربّ![2]

ننڍپڻ کان ئي شريعت جي پيروي

 * حضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اسڪول ويندي ساٿين جي شرارتن کان الڳ ۽ سنجيده رهندا هئا * سندن ڳوٺ کان انبَ (ڏاند) گاڏين ۾ ڀري ڪري منڊي آندا ويندا هئا، رستي ۾ ڪجھ انبَ ڪري پوندا هئا، جنهن کي شاگرد کڻي ڪري کائي وٺندا هئا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي ڪِريل انبَ نه کائيندا هئا * اسڪول ويندي رستي تي برساتي نالو هوندو هو جيڪو برسات جي موسم ۾ ڀرجي ويندو هو ننڍي عُمر وارا طالبِ علم اهو نالو ٽُپڻ جي لاءِ پنهنجا وَرَ کڻندا هئا ته گوڏا اگهاڙا ٿي ويندا هئا پر حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ننڍپڻ ۾ به احتياط ۽ ڪمال حياداري مرحبا! پاڻ نالو ٽُپڻ جي لاءِ شلوار جا پاچا مَٿي نه ڪندا هئا بلڪه پنهنجي وڏي ڀاءُ کي عرض ڪندا هئا: مون کي ڪلهي تي کڻي ڪري نالو ٽپايو، ائين پاڻ گوڏا کولڻ کان بچي ويندا هئا.[3]

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته عظيمُ الشّان ۽ نرالو ننڍپڻ آهي، حُضور


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم پاکستان ،صفحہ:30۔

[2] وسائلِ بخشش،صفحہ:79۔

[3] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم پاکستان ،صفحہ:30۔