Book Name:Muhaddis e Azam

مرتبي وارا عالِمِ دين، تمام وڏا مُحدث(يعني علمِ حديث جا ماهر) ۽ ڪامل ولي آهن. شعبانُ المُعظم جي پهرين تاريخ تي يومِ محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ملهايو ويندو آهي، انهيءَ نسبت سان اڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! حضورِ محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ذڪرِ خير ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام سان هميشه سچي پڪي، ديني، ايماني محبت رکڻ، نهايت شوق ۽ ذوق سان انهن جو ذڪرِ خير ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

هڪ رات ۾ 3 ڀيرا ديدارِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

فيصل آباد (پنجاب پاڪستان) جي هڪ مدني اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: اسان کي اسان جي استادِ محترم قاري غلام محيُ الدِّين صاحب هي واقعو ٻڌايو ته قاري صاحب جو ڏاڏو ۽ سندس هڪ ساٿي ٻئي محدثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا نهايت عقيدت مند هئا، اڪثر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ حاضر ٿيندا ۽ خدمت ڪندا هئا، هڪ ڀيري جي ڳالھ آهي، اهي ٻئي حضرات رات جي وقت حضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مٿي جي مالش ڪرڻ جي سعادت ماڻي. عام معمول هي هو ته ڪجھ دير کان پوءِ حضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ ئي فرمائيندا هئا ته هاڻي بَس ڪيو! وڃو! آرام ڪيو!...!! پر ان رات عجيب معاملو هو، حضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اکيون بند ڪري ويٺا هئا ۽ اهي حضرات خدمت ۾ مصروف هئا، انهيءَ حالت ۾ ڪافي وقت گذري ويو. وچ ۾ وقفي وقفي سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٽي ڀيرا سُبْحٰنَ اللہ! چيو! هر ڀيري سُبْحٰنَ اللہ چوڻ کان بعد ٻيهر پهريان