Book Name:Muhaddis e Azam

عاليشان مسجد موجود آهي.[1]

مجلس خُدامُ المساجد جو تعارف

   اَلْحَمْدُللّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي پنهنجو ديني پيغام دنيا جي تقريباً 200 کان وڌيڪ مُلڪن ۾ پهچائي چڪي آهي. ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ سنّتن جي خدمت ۾ مشغول آهي. انهن شعبن مان هڪ شعبو خُدّامُ الۡمساجد آهي.

    پيارا اسلامي ڀائرو! مسجدن جي ضرورت جي پيشِ نظر عالَمي مدني مرڪز (ڪراچي) کان بعد پهرين مسجد ڪنزالايمان تعمير ڪئي وئي ۽ ان کان بعد اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪجھ اسلامي ڀائرن تي مُشتمل هڪ مجلس ٺاهي ۽ ان جو نالو مجلس خدامُ المساجد رکيو ۽ ذهن ڏنو ته پوري دنيا ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت مسجدون ٺهرايون وڃن. مجلس خدامُ المساجد مسجدن جي جڳھ، خريداري، وقف جا تمام شرعي معاملا، قانوني ۽ تنظيمي اصولن جي مطابق ڪندي آهي. اَلْحَمْدُللّٰہ! مجلس خدامُ المساجد هن وقت تائين هزارين مسجدون تعمير ڪري چڪي آهي ۽ وڌيڪ تعميراتي مراحل ۾ آهن، روزانو جي حساب سان سڄي دنيا ۾ اوسطاً 2 مسجدون بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.

   لهٰذا جن علائقن يا شهرن ۾ مسجدن جي ضرورت هوندي آهي اتي مجلس خدامُ المساجد جا ذميدار پنهنجي نگران سان مشاورت ۽ دارُ الافتاء اهلِ سنّت کان شرعي رهنمائي حاصل ڪرڻ کان بعد پلاٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، خاص طور نئين ٽائون ۽ ڪالونين ۾ مسجد جون جڳھون حاصل ڪري تعميراتي ڪم کي تڪميل تائين پهچائي مسلمانن جي اکين جي ٿڌاڻ ۽ دل


 

 



[1] حیاتِ محدثِ اعظم،صفحہ:117۔