Book Name:Muhaddis e Azam

ويندي آهي. سرڪارِ غوثِ اعظم، شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:  هو  شَہْرُ الصَّلَاۃِ عَلَی النَّبِیِّ يعني شعبان پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي دُرود پڙهڻ جو مهينو آهي.[1]

   حضرت شيخ احمد زواري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، انهن جي متعلق اچي ٿو ته پاڻ روزانو 40 هزار ڀيرا درود شريف پڙهندا هئا، فرمائن ٿا: اسان جو معمول آهي ته اسان ڪثرت سان بارگاھِ رسالت ۾ درود ۽ سلام عرض ڪندا آهيون، ان جي برڪت سان اَلحَمْدُللہِ! اسان کي جاڳندي حالت ۾ سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿيندي آهي.[2]

(2): شعبانُ المُعظم جي ٻئين اهم عبادت: تلاوت ڪرڻ

   ڪجھ روايتن ۾ شعبانُ المُعظم جو نالو ئي شهرُ القرآن رکيو ويو آهي، هڪ روايت ۾ آهي: شعبانُ المعظم الله پاڪ جي حضور عرض ڪيو: اي ربّ تو مون کي 2 عظمتن واري مهينن (رجب ۽ رمضان) جي وچ ۾ رکيو آهي، منهنجي لاءِ ڇا آهي؟ فرمايو: مون تو ۾ تلاوتِ قرآن رکي ڇڏي آهي.[3] حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جيئن ته شعبانُ المعظم جي آمد ٿيندي هئي ته صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پوري توجھ سان تلاوتِ قرآن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا.[4] ڇوته شعبان جو مهينو شهرُ القرآن (يعني تلاوتِ قرآن جو مهينو) به آهي، ان ڪري مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ گهرجي.

سُبْحٰنَ اللہ! تلاوتِ قرآن جو به ڇا نرالو شان آهي! * جيڪو نماز ۾ بيهي ڪري


 

 



[1] غنیۃ طالبی، مجلس فی فضل شہر شعبان، جلد:1، صفحہ:342۔

[2] اَفْضَلُ الصَّلوٰۃ، صفحہ:18-20۔

[3] لطائفِ مَعَارِف، صفحہ:186۔

[4] لطائفِ مَعَارِف، صفحہ:186۔