Book Name:Muhaddis e Azam

محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

   پيارا اسلامي ڀائرو! سچي عاشقِ رسول، حُضورِ محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو نالو مبارڪ: محمد سردار احمد ۽ ڪنيت: ابوالفضل آهي، پاڻ 29 جمادي الاُخرٰي، 1321، هجري تي ڳوٺ دِيال ڳڙھ، ضلع گورداس پور(مشرقي پنجاب، هند) ۾ پيدا ٿيا.[1] پاڻ هڪ ئي وقت ۾ مُدرس (ٽيچر)، بيمثال مُحدِث (يعني علمِ حديث ۾ نهايت ڪمال رکڻ وارا عالِم)، بهترين بيان ڪرڻ وارا، عظيم مُحقق ۽ ديانت دار مُفتي هئا ۽ سڀني کان وڌيڪ هي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سچا عاشقِ رسول، مُتقي پرهيزگار ۽ سنّتن جا عامِل هئا.[2]

نائِبِ دِینِ نبی، سردار احمد تیرا نام                                                                                             یعنی تُو فضلِ خُدا سے قوم کا سردار ہے

ننڍپڻ مبارڪ جن ڪجھ جهلڪيون

  پيارا اسلامي ڀائرو! حُضور مُحدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ننڍپڻ مبارڪ عام ٻارن کان بلڪل مختلف هو، جڏهن سندن ولادت مبارڪ ٿي ته سڄي ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو ته هن ننڍڙي ٻار جي پيشاني ۾ چنڊ جهڙي روشني چمڪندي آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو هڪ ماروٽ چودري ناظر حسين  جيڪو صوفي صفت انسان هو ۽ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان وڏي محبت رکندو هو، صوفي ناظر حسين حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مُتعلق اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن کي ان وقت عجيب سمجهيو ويندو هو، هڪ ڏينهن انهن محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وڏي ڀاءُ حيات محمد صاحب کي فرمايو: سائين! اوهان کي مُبارڪ هجي! مان اوهان جي ڀاءُ سردار احمد جي پيشاني ۾ نيڪ بختي ۽ خوش قسمتي جو تارو چمڪندي ڏسي رهيو آهيان.[3]


 

 



[1] تذکرہ مُحَدِّثِ اَعْظَم،جلد:1 ،صفحہ:16۔

[2] فیضانِ مُحَدِّثِ اَعْظَم پاکستان،صفحہ:2۔

[3] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم پاکستان ،صفحہ:30۔