Book Name:Muhaddis e Azam

ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، مغرب کان بعد گهر اچي ڪري کاڌو کائي وٺندا هئا.[1]

(4): شعبانُ المُعظم جي چوٿين اهم عبادت: اِسۡتِغۡفار

   چوٿين اهم عبادت جيڪا شعبانُ المُعظم ۾ ڪرڻ گهرجي اها توبھ ۽ اِسۡتغفار آهي، ان جي حڪمت هيءَ آهي ته شعبان جو مهينو جيترو عظمت وارو آهي، اوترو تمام گهڻو نازڪ به آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافل آهن حالانڪه هن مهيني ۾ ماڻهن جا اعمال ربُّ العالمين جي بارگاھ ۾ پيش ڪيا ويندا آهن.[2] انهيءَ مهيني ۾ مَلڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام کي انهن  سڀني جي فهرست ڏني ويندي آهي جن جو ايندڙ سال روح قبض ڪيو ويندو.[3]

   هي به ياد رهي ته استغفار شعبان ۾ ئي خاص ناهي بلڪه استغفار مُستقل عبادت آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ لوھ جيان دلين کي به ڪَٽُ لڳي ويندو آهي، پوءِ ان جي صفائي استغفار سان ٿيندي آهي.[4]

   هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جنهن اِستغفار کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو، الله پاڪ ان کي هر غم کان نجات ڏئي ڇڏيندو، ان جي هر مُشڪل آسان فرمائي ڇڏيندو ۽ ان کي اهڙي جڳھ تان رزق عطا فرمائيندو، جتان کان ان جو گمان به نه هوندو.[5]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] تاریخ بغداد، جلد8، صفحہ:345۔

[2] مسندِ اَحْمَد، جلد:36، صفحہ:85، حدیث:21753۔

[3] جامع صغیر، صفحہ:369، حدیث:5964۔

[4] مجمع الزوائد، کتاب التوبہ، باب ما جاء فی الاستغفار، جلد:10، صفحہ:250، حدیث:17575۔

[5] ابن ماجہ، کتاب ادب، باب الاستغفار، صفحہ:612، حدیث:3819۔